گهوٽڪي(رپورٽر) آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس چوڪي نمبر پنج تي حملو ڪري پوليس اهلڪار شاهه علي سيال کي شهيد ڪرڻ جو 58 سڃاتل ۽ 32 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف آندل سندراڻي ٿاڻي تي سرڪاري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اي ٽي سي قلم به شامل ڪيا ويا، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ڪيس ۾ فريادي اي ايس آءِ شهزادو مهر موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار زمان سندراڻي، ثناءُ الله، بخت علي سندراڻي، گهنور حيدر، نوازالدين، رياض احمد سندراڻي، راحب علي سندراڻي ۽ ٻين ڄاڻايل جوابدارن سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم 5 نمبر پوليس پڪٽ تي حملو ڪري پوليس اهلڪار شاهه علي سيال کي شهيد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ نمبر 5 تي حملو ڪري هڪ پوليس اهلڪار شاهه علي سيال کي شهيد ڪيو هو.