نوابشاهه: پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو نوابشاهه ايس ايس پي آفيس ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو، ڪاميٽي جي چيئرمين ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، عابد بلوچ مشتاق ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏھن ته پريا ڪماري جي والد راجڪمار، مکي ايشور لعل ماکيجا کي پڻ گهرايو ويو، ان موقعي تي پريا ڪماري جي والد ۽ مکي چيو ته جي آءِ ٽي پنھنجي پوري ڪوشش ڪري پئي، اسان پراميد آھيون، ھنن چيو ته جي آءِ ٽي ڪافي ڪليوز ڳوليا آھن، اسان کي اميد آھي ته 32 مهينن کان گم اسان جي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو ويندو، ٻئي طرف پريا ڪماري کي اغوا ڪري گم ڪرڻ واري الزام هيٺ آيل زاھد شاھ، شاهد شاھ ۽ انهن جي ملازمن کي پڻ گهرايو ويو، جن کان پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ان موقعي تي زاھد شاھ، شاهد شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي، جڏهن ته ڪميٽي جي چيئرمين ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون انشاء الله جلد معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو.