نوابشاهه (بيورو رپورٽ) پريا ڪماري اغوا ڪيس جي انڪوائري بابت ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي نواب شاھ تنوير تنيو جي آفيس ۾ اجلاس ٿي گذريو جڏھن ته اجلاس ۾ 16 شڪي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏھن ته پريا ڪماري اغوا ڪيس جي انڪوائري بابت ايس ايس پي آفيس نواب شاھ ۾ جي آئي ٽي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي نوابشاھ شرڪت ڪئي، جڏھن ته اجلاس ۾ پريا ڪماري جو والد ۽ ويجھا عزيز به موجود ھئا، ڊي آئي جي جاويد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي ۾ ڄاڻايل جوابدارن سميت 16 شڪي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏھن ته مبينا جوابدار شاهد شاھ، سندس ڊرائيور، ملازمن ۽ نوڪرياڻي جا الڳ الڳ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏھن ته ان موقعي تي پريا ڪماري جي گھريلو ملازمن سان گڏ ويجھا مائٽ عيسن داس، دينو مل، ڪرن، انيل اوڏ، واسو مل ۽ درشن شريڪ ٿيا، پريا ڪماري اغوا جي انڪوائري بابت ٺاھيل 6 رڪني ڪاميٽي جي آءِ ٽي ھن وقت تائين انڪوائري کان آگاھ ڪري ڇڏيو آھي، واضح رھي ته 19 آگسٽ 2021 تي اغوا ٿيندڙ پريا ڪماري جي گمشدگي کي اڍائي سال گذرڻ باجود پوليس کي ڪوبه ثبوت ناھي مليو، جڏھن ته پوليس ھن ڪيس کي بلائينڊ ڪيس قرار ڏنو آھي.