ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ اوقاف کاتي جي درخواست منظور ڪري ورتي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته توھان ماضي ۾ نه وڃو،  ويھن ويهن سالن ۾ رڳو تاريخون ورتيون ويون آھن، اڄوڪي درخواست تي دليل ڏيو ۽ بحث نه ڪريو، سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ ڇا اوقاف کاتو سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ها، اهو مڪمل طور تي ماتحت آهي، اوقاف کاتي پاران 2012 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي هئي، اوقاف کاتي طرفان چيف ايڊمنسٽريٽر ممتاز علي پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي حصي جي زمين کي ڪاليج انتظاميه حوالي ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر اوقاف کاتي جي زمين اسان جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي جي روشني ۾ زمين جي قبضي لاءِ ھاڻي لاڳاپيل سيشن عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، زمين جي ڪٽوتي سان ڪاليج جي عمارت جو ڪجهه حصو به متاثر ٿيندو. عدالت غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ اوقاف کاتي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.