خيرپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ڪيس جي شاهدن نعيم احمد، صغير احمد، محمد حسن، ثانيا ۽ اجالا ڦرڙو پنهنجي وڪيل معرفت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قسم نامو جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هنن کي ڪيس جي مک جوابدار  حنا شاهه جي ضمانت بابت ڪي به اعتراض نه آهن، هنن ڄاڻايو آهي ته حنا شاهه جي ضمانت ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت مليل نوٽيس بابت اسان مٿان ڪو به دٻاءُ نه آهي ۽ اسان کي بيبي حنا شاهه جي ضمانت تي ڪوبه اعتراض نه آهي، هنن ڄاڻايو آهي ته اسان کي ڪنهن به جاچ ايجنسي طرفان فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ 161 ۽ 162 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نه گهرايو ويو آهي، ھوڏانھن فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي وڪيل ياسين گهنيو ٻڌايو ته ڪيس جي پيروي ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڇوته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ سب انسپيڪٽر امير چانگ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته منهنجو هن ڪيس سان ڪوبه واسطو نه آهي، هن ڪيس مان مون کي بري ڪيو وڃي، سب انسپيڪٽر جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ پاران فيصلو نه اچڻ تي عدالت طرفان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

فاطمه ڦرڙو ڪيس: 4 جوابدار عدالت ۾ پيش، 3 مئي تي ٻيهر طلب

خيرپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس طرفان فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جوابدارن سيد اسد شاهه، پير فياض شاهه، بي بي حنا شاھه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ٻڌڻي ملتوي ڪندي جوابدارن کي 3 مئي تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، قتل ڪيس جي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.