ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم صوبي جي ٻين ضلعن مان پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي ڪراچي بدلي ڪرڻ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو، سينٽرل پوليس آفيس ۾ گهرو وزير ضياء الحسن لنجار ۽ آئي جي سنڌ غلامي نبي ميمڻ سان اجلاس بعد اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن مان پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي ڪراچي آڻي مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪا آسامي خالي ٿئي ٿي ته هتي جا اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا وڃن يا ڪراچي وارن کي ڀرتي ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري ڪندڙ 79 اهلڪارن کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو، آئي جي سنڌ خاطري ڪرائي ته انهن کي واپس اماڻيو ويندو. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا ايس ايچ اوز آهن، جن کي 6-6 مهينا علائقي کي سمجهڻ ۾ لڳي ويندو آهي. هن چيو ته اسان لاءِ شهرين جي جان کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، ايئن ناهي ته شهرين جو ڪو وارث ناهي، هاڻي حڪومت وٽ ڪو معذرت جو رستو نه بچيو آهي، مسئلو حل نه ٿيو ٻيهر ايندا سين. هن چيو ته هن سال ڪرائيم وڌيو، ميڊيا وارا چون ٿا ته 60 ماڻهو ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيا، پوليس چوي ٿي ته 47 شهري قتل ٿيا. هن چيو ته گهرو وزير سان ڪرائيم تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪراچي وارن جو صبر جواب ڏئي ويو آهي، ماڻهو ان حد تائين پهچي ويا آهن جو ٿاڻن جو گهيراءُ ڪرڻ وارا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ذميوار سياسي پارٽي آهي، اسان سنڌ اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريو، 3 پريس ڪانفرنسون ڪري چڪا آهيون، اسان چاهيون ها ته سياسي حل به نڪري سگهي پيو پر اسان معاملي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي.