لطيفي گنج مان … سُورَ وِسار مَ سَسُئِي

0
32
لطيفي گنج مان ... سُورَ وِسار مَ سَسُئِي

 انساني ارتقا جا سڀ لقاءَ جن پٺيان سوچن کي عملي روپ ۾ آڻڻ واري اڻ تڻ، يعني ڳولھائو ٿيڻ واري ڪيفيت هجي ٿي، اسان جي اڄوڪي انساني سيٽ اپ ۾ تن کي هڪ باخبر جيءُ بي انتها ڀوڳي ٿو.

                  پنھنجي پنھنجي مقصدن کي پاڻ ساڀيان ڪرڻ جي جستجو جنھن ذريعي سان جياپي جا لڪل پاسا پڌرا ٿي پون، هڪ انساني جستجوءَ جي معراج هوندي آهي. لطيف سائين هن بيت ۾ به جستجوء جو سڏ ڏيندي سسئيءَ کي صلاح ڏئي ٿو:

ويھُ  مَ  مُنڌَ  ڀَنڀورَ ۾، ھاڙهي  ھَڏِ  مَ   ھَلُ،

ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪَڏھين، سَچي ڳالهه مَ سَلُ،

جانِبَ  لَئي مَ جَلُ،  سُورَ  وِسارِ  مَ  سسئي.

                 لطيف سائين جو مطلب آهي تہ ويھڻ جنھن جو ضد ھلڻ ٿئي، جنھن مان مراد ويھڪ ڪندڙ  ويھي رھڻ  ڪجهہ بہ ڪرڻ ڪرت واري خيال ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ يا جسم جي ٿڪاوٽ کي ڪا گهڙي سڪون ۾ آڻڻ. ٻيو مطلب تہ نڪمو ناڪارا بيڪار يا اجايو گذارڻ بنا ڪم ڪار جي واندو ھجڻ لاءِ بہ ويھڻ لفظ ڪم آندو وڃي بغير ڪنھن سوچ جي نتيجي يا ڪرت جي جيڪڏھن ڪنھن گذران ڪندڙ ھلندڙ گهمندڙ ماڻهونءَ کي ڏسون تہ مثالن چئي ڇڏيون تہ ويھي گذاري ٿو  يعني ڪجهہ نہ ڪندڙ لاءِ اشارو. جيئن لطيف سسئي کي چوي ٿو تہ اي سسئي ويھڻ توکي نہ گهرجي.

ڀنڀور سسئي جو ڳوٺ، علائقو، ديس پر ھتي ٿيندو واردات ٿيڻ وارو ھنڌ، يعني گهر، جنھن گهر ۾ توسان واردات ٿي ۽ تون وچور ۾ ويٺي رھينءَ، سو توکي نٿو جڳائي. تنھن ڪري ان واردات ڪندڙن جو پيرو کڻي پويان پئجي وڃڻ گهرجي جي تنھنجو سڳ انھن وٽ آھي، تيئن ويھي وقت ڪين وڃاءِ.

‘ھاڙھي ھَڏِ مَ ھلُ’…، اسان  عام طور تي ھاڙھي ھڏ لفظ کي ھاڙھي جبل سان منسوب نٿا سمجهون. ھاڙھي ھَڏِ = ھاري ھڏ, ھار کاڌل، دل شڪستو، محاوري ۾ ھاڙهي ھڏ مُھاڙو ورتل جانور، جانورن جي بيماري جو نالو جيڪو اوڳر گهٽ ڪري ۽ منڊڪائي پنڌ ڪري، يعني بي زور، ٿڪل، ڍرو آھستي ھلڻ، ھاڙهي ھڏ ھلڻ يعني سست رفتاري سان پير پير ۾ ڏئي پنڌ ڪرڻ واري ماڻھونءَ لاءِ بہ ساڳو خيال ڪم آڻيون ٿا. تيئن اسان سمجهون ٿا تہ لطيف منزلون يعني ڪشٽ ڪندڙ کي تاڪيد ڪندي چون ٿا تہ ڪشالن جي مسافت ۾ سستائپ درڪار ڪونھي، ان لاءِ چستي ۽ شوق ضروري ٿئي ٿو. جيئن تہ ھتي ھاڙھي لفظ کي ھاڙھي جبل طور ڄاتو ويو آھي، جيڪو خيال جو پورائو ڪونہ ٿو ڪري. “ڪُوڙي ڪَجِ مَ ڪڏھين، سچي ڳالھ مَ سلُ”. سماجي رسمن جي پيل سنگهرن ڪھاوتن، رسمن مان پاڻ کي آجو بڻايو. مطلب تہ بي بنياد، اجائي سجائي ڪوڙ سچ واري مامري ۾ مُنجهڻ ڪين ڪجي زميني حقيقتن سان سلھاڙجي ھلڻ ڪجي، جيڪڏھن  مقصد تائين رسائي چاھيو ٿا تہ ڪوڙ سچ واري واٽ ۾ پاڻ کي منجهائجي ڪين. بس جيڪي زميني حقيقتون آڏو اچن، تن کي سمجهو ۽ انھن رڪاوٽن کان پار پوڻ جا وقتائتا حوصلا ۽ حربا ڪم آڻيو، وقت شناس بڻجي رسمن جي دام مان نڪرو ۽ جياپي جا خوبصورت لمحا پنھنجو مقصد بڻائي ڇڏيو.

جانب لئي مَ جلُ،  پرين يعني مقصد لاءِ پڄر، غصو يا ڪاوڙ ڪين ڪجي. جنھن سبب منزل ۾ ڏکيائي ٿئي يا مقصد ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي، تنھن ڪري اھڙي روش اختيار ڪين ڪجي يعني معتدل رويو سان اڳتي ھلڻ ڪجي.

سُور مَ وِسار سسئي،  اي سسئي مقصد واري تڙپ، ڪشت  نہ ڪرڻ وارو خيال، حرڪت واري عمل کان غفلت يا تڪليفن ۽ پيڙائن کان ھرگز بي خبر نہ ٿجي.

حاصل مقصد تہ ويھڻ ڪين ڪجي ۽ مقصد پويان ھلڻ ۾ سستي ھرگز نہ ڪرڻ گهرجي. ڪوڙ ۽ سچ واري سوچن ۾ اڙجي بيھڻ نہ گهرجي پر زميني حقيقتن پٽاندر جستجو جاري رکڻ ۽ حاصلاتن واري ڪشٽ ۾ غصو يا ڪاوڙ ڪين ڪجي ۽ پنھنجي مقصد کان ڪنھن بہ ريت غافل نہ رھجي. مقصد سان لاڳاپيل مسافت يا ڪشٽ ڪشالن سان ڳنڍيل آھي يعني سخت محنت، جاکوڙ ڪرڻ سان  ممڪن آھي نڪي ويھي رھڻ سان، جيڪا منزلن تائين رسائي جو سبب ٿئي ٿي، تيئن ڪاوڙ، غصو يا ڪروڌ سفر ۾ خلل جو باعث ٿئي ٿو، جتان منزلون طئي ٿيل حدف حاصل نٿيون ڪري سگهن. تنھن ڪري مقصد جي ساڀيان ٿيڻ جا نتيجا جاکوڙڻ سان حاصل ٿين ٿا ۽ مطلوب کي مقصد جي حاصلات جا سڀئي رستا استعمال ڪرڻ گهرجن جتان رسائي ممڪن ٿئي.

سُکين ٿِئي نہ سَنِري ،ڏُکين ڪِينَ ڏَري،

اوري تان نہ اُڀِيي، پھچي تان نہ پَري،

سَرِتِيُون ٿو سَري، ٻِنِھِي ريءِ ٻانڀَڻِ کي.

سولائين ۾ سرھي ڪونہ پئي ٿئي ۽ اوکائين کان خوف ڪونہ پئي کائي، اوري پري ويجهو يا ڏور ڪونہ پئي ڏسي  بس! اڳتي ڪاھيندي پئي وڃي، اي سرتيون! سسئيءَ پنھنجي حياتي ان ٻنھي مامرن ۾  اوري پري واري جستجوئي ڪيفيتن ۾  گذاري.

لطيف سائين جياپي جو نالو جستجو ۾ رھڻ کي ڄاڻائي ٿو، يعني اھڙي ڳولا، تلاش جنھن جي حاصلات ۾ تڙپ ھجي جنھن کانسواءِ جياپو ڪين گذري ۽ جنھن کي قبضي ۾ بہ ڪين رکي سگهجي يعني وصال ۾ جدا ٿيڻ جي ڳڻتي ۽ جدائيءَ ۾ وصال جو شوق،  لڇ پڇ واري حالت، يعني لطيف فڪر سان سلھاڙيل اتساھيندڙ جياپو سمجهائي ٿو، ھڪ اھڙو جياپو جيڪو آسودگي کي فخر ڪونہ ڄاڻي ۽ غريبي کي عيب نہ سمجهي.