بلوچستان جي هڪ برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڌر جي ڪاهه ۽ سنڌ جي ڪچي جي ماجرا

0
71
بلوچستان جي هڪ برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڌر جي ڪاهه ۽ سنڌ جي ڪچي جي ماجرا

پيش منظر

هن وقت گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي توڙي پنجاب جي رحيم يار خان ضلعي سان لاڳاپيل ڪچي جي ڪجهه حصي ۾ بلوچستان جي ڪلپر بگٽين جي هڪ وڏي آبادي موجود آهي ۽ انهن سان گڏ پنجاب جي پوليس آهي. پنجاب پوليس جي دعوا آهي ته اهي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته عام طور اهو نظر پيو اچي ته ڪلپر بگٽين جا مسلح ماڻهو، جديد ۽ خوفناڪ هٿيارن سان اتي موجود آهن. هن وقت جي رپورٽن موجب دعوا سامهون آيل آهي ته ٻه ڌاڙيل ماريا ويا آهن، پر انهن جا لاش سامهون ناهن اچي سگهيا ۽ اڌ درجن ماڻهن جي زخمي هئڻ جو دعوائون به سامهون آيل آهن. سکر ۾ ستين مئي 2024ع تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: “مون کي اطلاع آهن ته چار پنج ڌاڙيل مارجي ويا آهن.” اهو علائقو سنڌ واري پاسي رونتي سڏجي ٿو ۽ پنجاب واري پاسي ماڇڪي ٿاڻي جي حد ڄاڻايو وڃي ٿو. ان علائقي ۾ ٻنهي پاسي جا ڌاڙيل هڪ ٻئي سان تعلق رکن ٿا. ٻنهي ضلعن جي پوليس ڪڏهن ڪڏهن گڏيل ڳجها آپريشن به ڪندي آهي ته ڪڏهن وري الڳ الڳ آپريشن ٿيندا آهن ۽ پوءِ دعوائون سامهون اينديون آهن، جيئن گذريل سال ٿيل هڪ جاسوس وسيلي ڪرايل آپريشن ۾ ڇهه ڌاڙيل ۽ هڪ آپريشن ڪندڙ مارجي ويا ته سنڌ مان ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي پوليس دعوا ڪئي ته رحيم يار خان پوليس به دعوا ڪئي.

پس منظر

اها تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ملڪ ۾ نگران حڪومت آئي ته سنڌ اندر هلندڙ ڏوهن جي لهر اڃان وڌي وئي، جيڪا چونڊيل حڪومت اچڻ بعد انتهائي چوٽ تي پهتل آهي. چون ٿا نگرانن جي ڏينهن دوران ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي پاران ڏوهه لاءِ موٽروي تي گهات لڳائي ۽ ان دوران وڏون گاڏيون آيون. ڌاڙيلن انهن کي روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪئي. اهي گاڏيون ته بيٺيون پر انهن مان به فائرنگ شروع ٿي ۽ نتيجي ۾ انهن گاڏين ۾ ويٺل هڪ ڄڻو ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي ويو ۽ ڌاڙيلن ان صورتحال بعد پويان پير ڪيا ۽ ڪچي ۾ لهي ويا. بعد ۾ معلوم ٿيو ته گولين سبب مارجي ويل جوان ڪلپر بگٽي برادريءَ جي هڪ چڱي مڙس جو پٽ هو. جيئن ئي اها خبر ڦهلي ته ڪلپر بگٽين ۾ طيش اچي ويو ۽ اهو اعلان سامهون آيو ته اهي پلاند ۾ شرن جي سردار سان وڙهندا. اهو ميڊيا به رپورٽ ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيوز به شيئر ٿيون ته شهريار خان شر ڪنهن به ريت منٿ ميڙ ڪرائي ڪلپرن وٽ پهتو ۽ اتي پنهنجي نِيتَ پتَ ڏنائين ته انهن ڌاڙيلن سان سندس نه ڪو واسطو آهي ۽ نه وري اُهي سندس ذات جي ڪنهن رت واري پاڙي سان تعلق رکن ٿا. ايئن چئجي ته هن پنهنجي لاتعلقي ڏيکاري ۽ اهڙي ريت پاڻ واپس اچي چونڊ مهم کي لڳي ويو. گهوٽڪي ضلعي جي صحافين ۽ راڄوڻي جهان سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان دوران گهوٽڪي ۾ امن امان خراب رهيو، ايس پي به مٽبا رهيا ۽ ڪلپرن ٻه ڀيرا ٻن ايس ايس پيز کي چيو ته اهي ڪچي ۾ ساڻن گڏ وڃي ڪارروائي ڪرڻ ٿا چاهين يا اهي پاڻ ڪارروائي ڪن. پوليس کين صبر سان رهڻ جو چيو ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته اهي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪندا. پر ان دوران پوليس ڪا وڏي ڪارروائي ته ڪانه ڪئي پر ڌاڙيلن جون ڏينهون ڏينهن ڪارروائيون وڌنديون ويون. خابرو ذريعن جو خيال آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه ڪلپر بگٽي پنجاب پوليس سان مليا ۽ انهن پاران کين آپريشن ۾ شموليت جي حامي ڀري وئي پر آف دي ريڪارڊ، ايئن ڪلپر پنجاب پوليس سان ڪچي ۾ لهي پيا. چون ٿا ته پوليس کان وڌ اُهي آهن. پوليس جون بڪتربند گاڏيون ۽ ڪي شوٽر به سنڌ جي ڪچي توڙي پنجاب واري حصي ۾ موجود آهن ۽ فائرنگ جا سلسلا هلندڙ آهن. پنجاب پوليس جي آءِ جي سڌو ٻڌايو ته هنن ڌاڙيلن خلاف اها ڪارروائي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪئي آهي، پر نيٺ ستين مئي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ميڊيا پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پنجاب پوليس کانئن اجازت گهري، جيڪا کين ڏني وئي ۽ هن جي ڳالهين مان اهو به تاثر مليو هو ته اسان جي جيڪو مدد ڪندو، وٺنداسين. جڏهن ته پنجاب پوليس تيستائين اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانه ڪئي هئي. پر هاڻي صورت واضح ٿي آهي ته بلوچستان جي هڪ برادريءَ جي هڪ ڌر جي اها ڪاهه پنجاب پوليس معرفت ٿي آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ان تي بظاهر ڪو اعتراض ناهي.

اهي ڪلپر بگٽي ۽ رونتي جي ڪچي وارا شر ڪير آهن؟

رونتي گهوٽڪي ضلعي جو پنجاب سان دنگي علائقو آهي ۽ ان پاسي رهندڙ شر برادريءَ جا مختلف پاڙا رهندڙ آهن ۽ ٻنهي صوبن جي ٻنهي ضلعن ۾ انهن جون مٽيون مائٽيون آهن. شرن جا عام ڪرتَ زراعت، پورهيو، ڌنارڪو ۽ نوڪري پيشا آهن. هڪڙا ڏوهاري عام هوندا آهن، جيڪي هر ذات برادري ۾ ٿين ٿا پر شر برادري جا اڪثر ماڻهو برادرين جي جهيڙن ۽ پوليس ڪارروائين جي ڪري ڪيسن ۾ اچي ويا ۽ جڏهن معاملو اڃان وڌي ويو ته انهن مان ڪي ڌاڙيل بڻجي ويا ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ ان جو مثال سلطو شر هو. پر ڏوهاري خود هڪ ذات آهي، ان جو برادرين سان ڪو واسطو ناهي ۽ انهن جي زهزني جو شڪار سندن ذات برادرين جا ماڻهو به ٿيندا آهن ۽ ذات ڀائي هئڻ سبب ساوا به سڙندا رهن ٿا. سلطو شر جي ڪارروائين تر تپايو، جنهن ۾ پوليس وارا به شهيد ٿيا ۽ سلطو جي مرڻ بعد به ڊي ايس پي کان سپاهي ليول جا پوليس وارا گولين جو نشانو بڻجي شهيد ٿيا آهن. نه رڳو سلطو پڄاڻان پر ان بعد به اهو عمل هلندڙ آهي ۽ ٻيا ڌاڙيل به ان تر ۾ سرگرم آهن. ان ڪري ڌاڙيل کي ذات جي دائري ۾ نه ڏسجي.

جيڪي ڪلپر رونتي ۾ لٿل آهن، اهي ديرا بگٽي جا آهن ۽ انهن جو اڪبر خان بگٽيءَ سان تڪرار به هو ۽ کين سرڪار جو به آشيرواد هو، انهن ئي ڏينهن ۾ بگٽين جو اهو پاڙو سکر ضلعي ۾ وسايو ويو. ويجهي ماضيِءَ ۾ انهن جي هڪ حصي جو چڱو مڙس خان محمد هو، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويو آهي. انهن ڪلپرن مان ڪيئي اڪبر خان پڄاڻان واپس پنهنجن وٿاڻن ڏانهن روانا ٿيا ۽ ڪي اڃان سنڌ ۾ به موجود آهن. سندن سنڌ جي ماڻهن سان ڪيئي واسطيداريون به جڙي چڪيون آهن.

بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏوهارين جا واسطا:

سنڌ جي اتر وارن ضلعن ۾ ڪيترا ئي ڏوهن جا واقعا ٿين ٿا ته انهن مان ڪيترن ئي وارداتن جا پيرا وڃي بلوچستان ۾ دنگ ٿيندا آهن. ڏوهن جي دنيا تي ڪم ڪندڙن جو خيال آهي ته اتي محفوظ پناه گاهون آهن ۽ ڊيل ڪرڻ به سولو هوندو آهي ۽ هتان جي ڏوهارين تان بار به لٿل هوندو آهي. اها ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر آهي ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين گاڏين، ٽريڪٽرن سميت ٻيو ڦريل سامان بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ وڃي ٿمبو آهي ۽ پوءِ اتان ئي ماڻهو ڀُنگ ڀري گاڏيون وغيره ڇڏائي موٽندا آهن. نه رڳو اهو پر ڪيترائي مغوي به انهن مخصوص علائقن ۾ ٿميا ويندا آهن ۽ اهو هڪ وڏو ڌنڌو آهي، جيڪو سالن کان نه پر صدين کان هلندو پيو اچي. ان ڪري ٻنهي پاسي جيئن ماڻهن جا سماجي ۽ معاشي لاڳاپا آهن، تيئن ڏوهارن جي دنيا جا به آهن.

ڪچي ۾ خانگي ڪارروايون:

سنڌ اندر جڏهن ڪچي جا ڌاڙيل وڌي ويندا آهن ته پوءِ سنڌ پوليس ان لاءِ اتان جي ئي ماڻهن تي ٻڌل خانگي فورس جوڙيندي آهي ۽ ان حوالي سان گهوٽڪيءَ ۾ جڙيل سندراڻي ۽ شيخ فورس مشهور رهيا آهن. پوليس اڪثر انهن ئي ذاتين جا فورس جوڙيندي آهي، جنهن جا ڌاڙيل سرگرم هوندا آهن. ايئن چئجي ته چور کي چوڪيدار ڪيو ويندو آهي. جيئن هڪ دور ۾ لکي- لاڙڪاڻي روڊ تي ڪيو ويو. ويجهڙ ۾ سکر جي ڪچي ۾ ڪيو ويو.

ڪچو- هڪ واپار:

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران 14 مارچ 2023ع تي جيڪو حڪمنامو آيو، ان جي تفصيلن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس پنهنجي بيانن ۾ چوڻ چاهيو آهي ته ڪچو اربين رپين جو واپار آهي، جنهن ۾ ڏوهن سان لاڳاپيل ڌنڌا ڌاڙي آهن، ڀنگ، هٿيارن ۽ ڀَتي جا پيسا آهن. زمينون آهن، جن تي ٿيندڙ ڪڻڪ سميت ٻي اناج جو فصل به ڪنهن طرح سان اربين رپين کان گهٽ ناهي، ان تي هر پاسي جون اکيون هونديون آهن ۽ هر زورآور پنهنجي طريقي سان حصو حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري پنهنجون چالون هلندو رهندو آهي. ان ۾ سڀ سرڪارون به شامل هونديون آهن.

نتيجا:

هيل تائين پوليس يا حڪومتن جيڪي به خانگي طريقي سان ڪارروايون ڪيون آهن، اهي سدائين ڀيانڪ نتيجا ڏيندا رهيون آهن. گهوٽڪي جو مثال آهي ته انهن خانگي فورسز جي ڪري بعد ۾ برادرين جا جهيڙا چوٽ چڙهي ويا. ويجهڙ ۾ سکر ضلعي جي پني عاقل تعلقي ۾ خانگي فورس واري چڪر ۾ خوني جهيڙي ۾ ڳڀرو مارجي چڪا آهن ۽ ڏوهه وڌي رهيا آهن.

هن وقت جيڪو رونتي ۾ ڪيو ويو آهي، ان جا وقتي فائدا ڪهڙا به حاصل ڪيا وڃن پر سماجي طور ٻن صوبن جي ماڻهن ۾ بدگمانيون پيدا ٿين پيون. گهوٽڪي سميت پوري سنڌ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن توڙي ڏوهارين خلاف حڪومتي ۽ رياستي ادارن وسيلي ڀرپور ڪارروائي ڪري ڏوهن جو خاتمو آڻڻ گهرجي ۽ انصاف لاءِ هٿيار کڻندڙن کي پورو انصاف ملڻ گهرجي پر ان انصاف سان اهڙي نا انصافي نه ڪئي وڃي، جيڪا ماڻهن ۾ نفرت جو سبب بڻجي. ڪچي جي معيشت به اتان جي ماڻهن لاءِ عذاب بڻيل هوندي آهي ۽ سُڪن جي آڙ ۾ اڪثر ساوا به سڙندا آهن يا وري اهي سُڪا بڻجي هٿيار کڻندا آهن!!