اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪ فوج سان جلد ڳالهيون شروع ٿينديون، پي ٽي آءِ باني رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهائڻ چاهي ٿو. هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت پاڻ محتاج آهي ۽ ريمورٽ ڪنٽرول ذريعي هلي رهي آهي، موجودا حڪمران فارم 47 ذريعي ايوان ۾ اچي ويا آهن عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اهي رد ٿيل ماڻهو آهن اسان سان ڇا ڳالهيون ڪندا؟ سندس چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن، بدترين ڌانڌلي باوجود هي حڪمران مڪمل ناڪام ٿيا آهن جيڪڏهن انهن ۾ اخلاقي همت آهي ته پاڻ چون اسانکي عوام ووٽ ناهي ڏنو ۽ حڪومت ڇڏي ڏين. شهريار آفريدي چيو ته اسين ڳالهيون ڪنداسين پر رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ٿينديون، هنن حڪمرانن کي اسٽيبلشمينٽ مدد ڪئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته منهنجو ليڊر ڪوبه اين آر او نٿو چاهي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڳالهيون چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ليڊر جي پهرين ڏينهن کان خواهش هئي ته ڳالهيون ٿين پر ڪوبه جواب نٿو ملي، جواب اچي ها ته سڀني کي خبر پئجي وڃي ها، سندس چوڻ هو ته هي ملڪ، فوج ۽ ادارا منهنجا آهن فوج سان ڳالهيون ٿينديون ۽ جلد ٿينديون