اسرائيلي حمايت جا الزام: ملاله يوسفزئي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

0
39
اسرائيلي حمايت جا الزام: ملاله يوسفزئي وضاحت جاري ڪري ڇڏي
اسرائيلي حمايت جا الزام: ملاله يوسفزئي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

پاڪستان جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي هيلري ڪلنٽن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بابت ڇتي تنقيد بعد وضاحت جاري ڪري ڇڏي

 ايڪس تي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ ملالا يوسفزئي چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي مذمت ڪندي رهي آهيان، غزه ۾ فلسطينين جي رتوڇاڻ روڪي فوري طور جنگبندي ڪئي وڃي

 ملالا يوسفزئي آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن سان هڪ پراجيڪٽ تي گڏجي ڪم ڪندي رهي آهي، هيلري ڪلنٽن اسرائيلي موقف جي حمايت ڪندي غزه ۾ جنگبندي جي مخالفت ڪئي هئي

 هيلري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته غزه ۾ جنگبندي جو مطلب حماس کي تحفو ڏيڻ برابر آهي، ڪيترين ئي ناميارين شخصيتن ملالا يوسفزئي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ هڪ اهڙي عورت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي

 ملالا يوسفزئي چيو ته غزه جي عوام سان گڏ آهيان، جنگي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي