سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي

0
37
سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي
سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي

سکر (رپورٽر) سکر جي ڪچي واري علائقي  ۾ فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي، جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هٿيارن جا منهن کلي ويا، عبدالحڪيم جتوئي ۽ فياض جتوئي مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 علائقي واسين موجب سڄڻ ۽ سوجهرو جتوئي وچ ۾  ڪارنهن جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب واقعو پيش آيو

ٻڌايو پيو وڃي ته باگڙجي جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، وارثن امام ڏنو عرف فياض جتوئي ۽  عبدالحڪيم جتوئي جا لاش بچاءَ بند پهچايا جتان پوليس کين باگڙجي اسپتال منتقل ڪيو

پراڻي ڪارنهن ۽ زمين جي تڪرار تان  واقعو پيش آيو، سڄڻ جتوئي ڌر پاران سوجهرو جتوئي واري ڌر تي حملي جو الزام هنيو ويو

پوليس جو چوڻ  آهي ته مارجي ويل امام ڏنو عرف فياض جتوئي سڄڻ جتوئي ڌر جو ۽ عبدالحڪيم سوجهرو جتوئي ڌر جو هو، 2 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 5 ڄڻا قتل، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 2 ڌاڙيلن جا لاش وارثن حوالي