ڪڙيو گهنور ۾ نائيٽ ٽورنامينٽ: سهراب ڳوٺ اليون ۽ ڪڙيو الائينس مئچ کٽي ورتا

0
134
ڪڙيو گهنور ۾ نائيٽ ٽورنامينٽ: سهراب ڳوٺ اليون ۽ ڪڙيو الائينس مئچ کٽي ورتا
ڪڙيو گهنور ۾ نائيٽ ٽورنامينٽ: سهراب ڳوٺ اليون ۽ ڪڙيو الائينس مئچ کٽي ورتا

ڪڙيو گهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور خليفه ذوالفقار نظاماڻي نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري ، سهراب ڳوٺ اليون ۽ ڪڙيوالائينس اليون  ڪامياب ، ڪڙيوگهنور ۾ مرحوم خليفه ذوالفقار نظاماڻي جي ياد ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ جا مقابلا جاري ، نائيٽ ۾سي پول جي سهراب ڳوٺ اليون  ۽ ينگ بوائز  اليون   وچ ۾ مقابلو ٿيو

سهراب ڳوٺ اليون   ٽاس کٽي پهريان   بئيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 77 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويئي ،  ينگ بوائز اليون کي  کٽڻ لاءِ 78 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ ينگ بوائز اليون 70 رنسن تي ڍير ٿي ويئي ، اهڙي طرح سهراب ڳوٺ اليون مئچ کٽي ورتو  ، جڏهن ته ٻيو مئچ  b پول  جي مارخور اليون ۽ ڪڙيوالائينس وچ ۾ کيڏيو ويو ، مارخور اليون پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ صرف 113رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويئي ۽ ڪڙيوالائينس  اليون  کي کٽڻ لاء 114رنس جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ ڪڙيوالائينس   اليون مليل حدف آساني سان حاصل ڪري ورتو

 اهڙي طرح ڪڙيوالائينس اليون  مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو ، بهترين بئٽينگ ڪرڻ تي ڪڙيوالائينس اليون  جي رانديگر سفيان اشرف   کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، ياد رهي ته هن مئچن جا چيف گيسٽ ايس يو پي جا  مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور هئا ، جن ٽورنامينٽ جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي کي 15000روپيا روڪ انعام ڏنا ، ان موقعي تي امير آزاد پنهور چيو ته نوجوانن جي تفريحي لاء راندين جا گرائونڊ هئڻ گهرجن ، هي ٽورناميٽ تمام بهتر طريقي سان هلي رهيو آهي ، رانديون سنڌ جي ثقافت آهن ، نوجوانن جي حوصلاافزائي ڪرڻ گهرجي