ڪراچي، ڪياماڙي ضلعي ۾ ڦرلٽ ۽ ڌاڙن جون وارداتون ڪندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار

0
55
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي ڪياماڙي واري ضلعي ۾ ڦرلٽ ۽ ڌاڙن جون وارداتون ڪندڙ 5 رڪني گينگ گرفتار

 سائيٽ اي ٿاڻي جي پوليس  موجب گرفتار ڪيل جوابدار هدايت الرحمان عرف ڪوٽَي، اشان خان، نعمت الله عرف مومو، حيدر ۽ عذرائيل فيڪٽريز اندر به ڦرلٽ جون وارداتون ڪندا هئا

ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو چيو آهي ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان ريڪي جاري هئي، جوابدارن وٽان 5 پسٽل، 2 موٽرسائيڪلون، 9 فون، 3 ڊي وي آر ۽ 2 هارڊ ڊرائيوز هٿ

 جوابدارن جي هڪ فيڪٽري ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا، جوابدارن کان پڇاڳاڇا جو سلسلو جاري آهي