نُنهن سان زيادتي جو ڏوهه ثابت: سهري کي 10 سال قيد جي سزا

0
48
نُنهن سان زيادتي جو ڏوهه ثابت: سهري کي 10 سال قيد جي سزا
نُنهن سان زيادتي جو ڏوهه ثابت: سهري کي 10 سال قيد جي سزا

ڪراچي: نُنهن سان جنسي زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿين تي سهري کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي

ڪراچي جي عدالت جوابدار ارشاد علي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار جي موبائيل مان مليل ميسيجز مان ظاهر ٿيو ته متاثر عورت گهر بچائڻ لاءِ خاموش هئي، اها ڳڻتي جي ڳالهه آهي، جوابدار پيءُ جي حيثيت رکي ٿو، اهو گناهه آهي، اهڙين حرڪتن جي ڪري عورتون گهرن ۾ به پاڻ کي غير محفوظ سمجهنديون آهن

عدالت چيو ته ، هي معاملو اسان جي معاشري تي ٽِڪو آهي، اهڙن ڏوهن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي

متاثر عورت عدالت ۾ دانهيندي ٻڌايو ته مڙس ۽ سَسُ جي غيرموجودگي ۾ سهري ڪمري ۾ اچي زيادتي جو نشانو بڻايو، سهري ڌمڪي ڏني ته ڪنهن کي به خبر پئي ته هوءَ بدنام ڪندو، سهري ٻيهر زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته گهر وارن کي ٻڌايو، واقعي جو ڪيس اپريل 2023ع ۾ داخل ڪيو ويو هو