جنگ ۽ جلاوطنيءَ جو ڪرب

0
23
جنگ ۽ جلاوطنيءَ جو ڪرب

فلسطين تي لڳاتار اسرائيلي حملن  کان پوءِ حالتون سنگين ٿي ويون آھن. اتان جو سارو ڍانچو تباهه ٿي ويو آھي. هزارن جي تعداد ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا مري ويا آھن ۽ ڪيترائي ٻار يتيم ٿي ويا آھن. يتيم ٻارڙا بيمارين ۽ بک ۾  تڙپي رهيا آھن. اهڙي صورتحال ۾ مختلف ملڪن جي سربراهن کي انهن ٻارڙن جي پالنا لاءِ جامع پروگرام ٺاهڻ گهرجي ته جيئن اهي ٻارڙا مرڻ کان بچي وڃن ۽ سندن مستقبل بهتر ٿئي. جيئن ته فلسطين جو سارو ڍانچو تباهه ٿي ويو آھي، ان ڪري اهي ٻارڙا ٻاهرين ملڪن ۾ بي اولاد ماڻھن کي هنج ۾ به ڏيئي سگهجن ٿا.

                 تاريخ جو اهو وڏو سانحو آھي، جيڪو هڪ خطرناڪ صورتحال سان جاءِ والاري رهيو آھي. آئون ان تي سوچي ٽٻيءَ ۾ هليو ٿو وڃان. مون کي ڪيئي سال اڳ ٿر ياترا دوران هڪ پوڄاري ياد ٿو اچي، جيڪو شِوِ مندر ۾ رهندو هو. هن ان دوران مون کي چيو هو ته هن عمر ساري جلاوطنيءَ ۾ گذاري آھي. هن جو اصل وطن ڪڇ آھي. مون هن کان پڇيو، اهو وري ڪيئن؟ تون ته نه ملڪ جو سربراهه هئين ۽ نه ئي ڪنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ!…. ان تي پاڻ چيائين ته جلاوطنيءَ جو تصور رڳو اهو ناهي ته ڪنهن ملڪي اڳواڻ کي زبردستي ڪنهن ولايت موڪليو وڃي، پر ڪنهن کي اغوا ڪري، ورغلائي، کڻي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آندو وڃي ۽ پوءِ حالتون ان کي اتي ئي ترسڻ تي مجبور ڪن ته اهو به جلاوطن ئي هوندو آھي. هن چيو ته هو به جادو سکڻ جي شوق ۾ ڪڇ مان هڪڙي مهاراج سان ننڍي عمر ۾ نڪري هن طرف آيو هو. مٿان پاڪستان ۽ هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو. پوءِ ھو ھتي ئي رهجي ويو. جيئن ئي هو مندر ۾ رهيو ته اڇا وار ٿي ويا! عمر ويئي گذري ۽ پوءِ ته ڪڇ جي ان ڳوٺ جا اهي گس ۽ پيچرا به وسري ويا، باقي ان اباڻي پار کي ڏسڻ جا خواب ئي رهجي ويا آھن، جيڪي عمر ساري ڏسندو رهيو آھي.

آئون جڏھن اهڙين حالتن هٿان جلاوطن ٻارڙن توڙي وڏڙن تي سوچي رهيو هوس ته مون کي هي شعر ياد آيو، جيڪو مون ڪيئي سال اڳ تڏھن لکيو هو، جڏھن ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ سندس وڏ ور ڌيءَ بينظير ڀٽو جلاوطنيءَ ۾ زندگي گذاري رهي هئي:

ديس کان ڪوهين دور آھيان

منهنجو روح روز ستارن سان گڏ هلي ٿو

پري هوندي به پيارن سان گڏ ھلي ٿو

موسم کي ڪهڙي خبر ته جلاوطني ڇا ٿيندي آھي؟

منهنجي من ۾ روز سمنڊ جون ڇوليون ڇلن ٿيون

۽ ڏکڻ جون هوائون گهلن ٿيون

۽ نغما جيڪي مون ديس لاءِ ڳاتا هئا

هاڻي سڀ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آھن

آئون روز هوائن هٿان ديس لاءِ نياپا ڏيان ٿو

ته مون کي هتان کڻي وڃي

نه ته آئون مري ويندس، مري ويندس

جلاوطني وڏو عذاب هوندو آھي. ان جي خبر ته انهن ماڻھن کي هوندي، جن جلاوطنيءَ ۾ زندگي گهاري هوندي. جلاوطنيءَ جي عذاب ۾ نه رڳو هندستان جي آخري شھنشاه بهادر شاه ظفر گهاريو هو، جنهن کي انگريزن 1857ع ۾ قيد ڪري رنگون موڪليو هو، جتي قيد ۾ ئي هن پساه پورا ڪيا هئا.

ڪتنا هي بدنصيب ظفر، دفن ڪي ليئي

دوگز زمين ڀي نه ملي، ڪُوئَي يار مين

پر ايران جي شھنشاه محمد علي شاهه ڪاجار به جلاوطنيءَ ۾ گهاريو هو، جيڪو 1909ع کان 1925ع تائين روس ۾ جلاوطن رهيو. جلاوطنيءَ جي عذاب ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر اسڪندر مرزا به گهاريو هو، جنهن کي 1958ع ۾ جنرل ايوب خان آڌيءَ رات سندس زال سميت برطانيا جلاوطن ڪيو هو، جنهن جو موت به جلاوطنيءَ ۾ 1969ع ۾ ٿيو هو. مرڻ کان پوءِ کيس ايران ۾ دفن ڪيو ويو. جلاوطنيءَ جو درد افغانستان جي آخري بادشاه محمد ظاهر شاه به ڀوڳيو هو، جنهن کي جلاوطن ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ھو. هن 1973ع ۾ اٽلي ۽ بعد ۾ يونان ۾ جلاوطني اختيار ڪئي. هو 2002ع ۾ وطن موٽيو، جتي 2007ع ۾ گذاري ويو. اهڙي طرح يوگنڊا جي صدر عيدي امين، جنهن کي فوجين 1979ع ۾ جلاوطن ڪيو، جنهن 2003ع ۾ سعودي عرب ۾ پساه پورا ڪيا هئا. ايران جو شھنشاه رضا شاه پهلوي، جنهن کي 1979ع ۾ جلاوطن ڪيو ويو، جنهن 1980ع ۾ مصر ۾ لاڏاڻو ڪيو. ڪيوبا جي اڳوڻي صدر بتيستا، آفريڪي ملڪ چاڊ جي سربراهه فيلڪس ميلوم، سعودي عرب جي شاه سعود، پاڪستان جي محترما بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف به جلاوطني ۾ گذاريو هو. جلاوطني هڪ وڏو ڪرب هوندي آهي، جنهن جو پل پل موت جهڙو هوندوآھي. جلاوطنيءَ جي زندگي گهاريندڙ ننڍا توڙي وڏا ماڻھو، پنهنجي ديس کان وڇڙيل ماڻھو هوندا آھن. هو سندن مِٽن مائٽن، هوائن، دريائن ۽ ڌرتيءَ کان دور هوندا آھن. هو جڏھن ٿڌي دل سان انهن کي ساريندا آھن ته سندن اکڙيون بادلن جيان وسي پونديون آھن! ماڻھوءَ ۾، نه رڳو ساڳي رت جي ڇڪ ٿئي ٿي، پر ڳوٺ ۽ شھر جون اهي گهٽيون جتي هو ٻالجتيءَ ۾ رانديون رونديون ڪري ٿو، اهي وڻ جن جي چوٽين تي چڙھي هو پکين جيان پڪارون ڪري ٿو. پاڻيءَ جون  شاخون، جن ۾ آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ هو ٽٻيون هڻي ٿو، ان ماحول ۽ مِٽيءَ جي خوشبوءِ هن جي من ۾ هر وقت واسو ڪندي رهي ٿي. پنهنجي وطن کان دور ان لاءِ ڪهڙي به نعمت ۽ آسائش هجي پر اها  ڀڳل هڏ جي سور جهڙي هوندي آهي.

مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي الله بخش چانڊئي مرحوم مون کي ٻڌايو هو ته، “گهڻا سال اڳ آئون ۽ اڀوڙو گگھڙ خيرپور رياست ريل رستي ويا هئاسين. ان وقت خيرپور رياست جو پاڪستان سان الحاق شايد اڃان نه ٿيو هو. اتي پهچڻ کان پوءِ ڪجھ ڏينهن مزدوريءَ کي لڳي وياسين. ھڪ ڏينهن مزدوري ڪندي اڀوڙي مون کي چيو ته هي ڏکيو ڪم آھي، پاڻ کان هي ڪم نه ٿيندو، ان ڪري پاڻ هلي شيرو ساخاڻي سان ٿا ملون، جيڪو خيرپور رياست جو رهاڪو هو. شيرو ۽ جمعون ان وقت جا مشھور ٺڳ هئا. ھو ڦوڪ ڏيئي سڪل ڪکن کي باهه ڏيئي ڇڏيندا هئا، ڪاغذن مان نوٽن جو سٿيون ٺاهيندا هئا ۽ وڻن جي پنن ۽ گاهه کي مصريءَ جهڙو مٺو ڪري ڏيندا هئا. هنن جو هڪ ٽولو هوندو هو، انهن ۾ هڪ درويش جي روپ ۾ هوندو هو ۽ ٻيا ان جا جٽ يا فقير هوندا هئا. جٽ فاصلي تي درويش جي پويان پيا ايندا هئا ۽ هو ماڻھن کي بيوقوف ٺاهي ٺَڳيندو هو. هڪ دفعي ڪوئي آفيسر آفيس اچي رهيو هو ته شيرو ۽ اڀوڙو درويشن جي شڪل ۾ ان جي آفيس ٻاهران چهل قدمي ڪري رهيا هئا. آفيسر جيئن ئي گاڏيءَ مان لٿو ته شيرو ان جي رستي تي ٿُڪ اڇلائي ته باهه لڳي ويئي. آفيسر ڇرڪي بيهي رهيو ۽ شيروءَ کي چيائين ته سائين رحم جي نظر ڪريو! ۽ پوءِ کيس سونيون منڊيون ۽ روڪ رقم ڏيئي راضي ڪيائين”. اهڙي طرح سان هن ٺڳ ٽولي راڄ ڦري ڇڏيا.  هڪ ڏينهن اڀوڙو ٺڳي ڪندي پڪڙچي پيو ۽ جيل ويو. ڪيترائي مهينا جيل ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ٿيو. الله بخش ٻڌايو ته جڏھن جيل تي وٽس ملاقات تي وڃبو هو ته ھو روئي چوندو هو، “هاءِ، هڪ جلاوطني، ٻيو وري قيد! هاڻي پنهنجو وطن ڏاڍو ياد ٿو اچي”. هو جڏھن آزاد ٿيو ته اسان ريل ۾ واپس اچي رهيا هئاسين ته اسان هن کي ڪنڌ ۾ نوڙي وجهي سيٽ سان ٻڌي ڇڏيو ته جيئن ريل جي ڪرائي کان جان ڇٽي. جڏھن ريل جو ٽي ٽي ٽڪيٽ چيڪ ڪرڻ آيو ته مون ھن کي چيو ته هن کان پري ٿيو، هن کي ڇتو کائي ويو آھي. اڀوڙو مسلسل رڙيون ڪندو رهيو. ريل ۾ ڇتي جي خوف سبب  اهو گاڏو ئي مسافرن کان خالي ٿي ويو ۽ هنن بنان ڀاڙي آسودو سفر ڪيو.

آئون يادِ ماضي جو ذڪر ڇڏي ٻيهر فلسطين جي دل ڏاريندڙ موضوع ڏانهن موٽان ٿو…. هاڻي تازو ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري تي آيو. هن پاڪستاني سرڪار سان ٻين ملڪي معاملن سان گڏ فلسطين جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ھن فلسطينين جي  مدد ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ فلسطينين جي مالي توڙي اخلاقي مدد  ڪرڻ سان ئي اتان جي گهايل ماڻھن جي اکين جا ڳڙندڙ ڳوڙھا رڪجي سگهن ٿا.