ڇوليون … غزه تي مڙھيل جنگ: فاتح ڪير؟

0
24
ڇوليون ... غزه تي مڙھيل جنگ: فاتح ڪير؟

 07 آڪٽوبر 2023ع جي ڏينھن تي حماس اسرائيل تي حملو ڪيو ھو، ۽ اسرائيلي سرحدن مان 112 اسرائيلي ۽ اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ ڪجھ غيرملڪي شھري باندي بڻايا ھئا، جن ۾ مرد، عورتون ٻار ۽ ٻڍا شامل ھئا. 22 نومبر 2023ع تي چئن ڏينھن جي عارضي جنگبندي ۽ قيدين جي مٽا سٽا واري معاھدي تحت اسرائيلي جيلن مان 150 فلسطيني قيدين جي آزادي عيوض 50 اسرائيلي باندي آزاد ڪيا ويا ھئا. جنگ ھلندي ڪيترائي باندي خود انڌا ڌنڌ اسرائيلي فائرنگ ۽ بمباريءَ ۾ پڻ ماريا ويا آھن. ھن وقت تائين اسرائيلين جي دعوا آھي تـ اڃا تائين حماس وٽ 97 زندھ بادي ۽ 36 مئل باندين جا مڙھ آھن. ان ويڙھاند جي شروعات واري ڏينھن کان وٺي اڄوڪي تاريخ تائين ڪل ملائي 1163 اسرائيلي مئا آھن. جواب ۾ ستن مھينن کان غزه جي پٽيءَ تي اسرائيل جي جاري جنگ ۾ 34000 کان وڌيڪ فلسطيني مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍا قتل ڪيا ويا آھن ۽ اھو انگ ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. غزا جي پٽيءَ ۾ رڳو فلسطينن جي نسل ڪشي ناھي ڪئي ويئي پر اتي جوڙيل رھائشي ڪالونيون، روڊ، اسڪول، اسپتالون، مسجدون، گرجاگهر، باغ باغيچا مطلب تـه ھر اڏاوت مڪمل نموني واريءَ جو ڍير بڻائي ويئي آھي! ھاڻي غزه جي پٽيءَ ۾ دربدر فلسطينين کي پيئڻ جو پاڻي، دوائون ۽ نـه ئي کاڌ خوراڪ ملي ٿو. اسرائيل غزه جي پٽي ۾ رھندڙ ويھ لک، ٽيھ ھزار انسانن کي چئني پاسن کان گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ ڪنھن بـه ملڪ کي ظلم جو شڪار فلسطينين تائين زندھ رھڻ لاءِ گهربل شين پھچائڻ جي اجازت ناھي. غزا جي پٽيءَ سان لڳ مسلمان ملڪ مصر پنھنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آھن. مسلمان ملڪن جي حڪمرانن جي  فلسطينين جي ان قتلام تي سرد مھري تاريخ جو ھڪ تمام وڏو الميو آھي.

دنيا اندر ٻـه عظيم جنگيون ٿي چڪيون آھن، جن ۾ دنيا جي اڪيچار ملڪن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو ھو. ڪروڙين انسان انھن موتمار جنگين جي ٻاريل آڙاھن ۾ سڙي ڀسم ٿي ويا ھئا. جرمنيءَ جو ڊڪٽيٽر ايڊلوف ھٽلر ھڪ مٿي ڦريل پر جرمن ماڻھن جو تمام گهڻو مشھور ۽ مقبول اڳواڻ ھو ۽ سندس ھڪ اشاري تي لکين ماڻھو پنھنجو سر قربان ڪرڻ کان نـه ڪيٻائيندا ھئا. ھٽلر جي ھٺ، ھوڏ ۽ تڪبر ڪري ٻي جنگ عظيم لڳي ھئي، جنھن ۾ 75 ملين (ساڍا ست ڪروڙ) انسان اجل جو شڪار ٿيا ھئا، جن ۾ 20 ملين (ٻه ڪروڙ) فوجي سپاھي ۽ 40 ملين (4 ڪروڙ) عام انسان شامل ھئا. ھٽلر کي يھودين سان اجايو وير ھو ۽ سندس نازي پارٽيءَ جا ڪارڪن توڙي فوجي يھودين کي ڳولھي ڳولھي ذبح ڪندا ھئا. نازي جرمنيءَ جي انھن ظلمن کان تنگ ٿي انھن ڀاڄ کائي فلسطين جي سرزمين جو رخ ڪيو ھو. انوقت فلسطيني ھاڻوڪي سنڌين وانگر خواب غفلت ۾ ورتل ھئا ۽ انھن پنھنجون زمينون، مال ملڪيت ڀڳڙن جي مٺ تي يھودين کي وڪرو ڪري ڏنيون ھيون، جنھن جو اڳتي ھلي اھو نتيجو نڪتو تـه کين پنھنجي ڌرتيءَ تان تڙيو ويو. ھنن تاريخي ھاڃن جو ھتي ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري ٿو سمجھان تـه ڪيئن نـه تاريخ جي ھڪ دؤر ۾ مظلوم رھندڙ ۽ ٻئي دؤر ۾ بدترين ظالم جي شڪل اختيار ڪري ٿا وٺن. ھٽلر جنھن قسم سان يھودين جي نسل ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ماڻھو فلسطين ۾ اچي گڏ ٿيا ھئا تـه انھن ساڳي ڪار وري فلسطينين سان روا رکي آھي. ھن وقت اسرائيل جو صدر نيتن ياھو نئين دؤر جو خطرناڪ ھٽلر جو روپ وٺي اسريو آھي، جنھن وٽ ڪو ڪھل، انسانيت، اخلاقيات يا بين الاقوامي جنگي قانونن جو احترام نـه ٿو ڏسجي. ڪالھ جيئن ھٽلر جي غيظ ۽ غضب کان بچڻ لاءِ يھودين کي ڪا ڳلٿي نـه پئي ملي، اڄ نيتن ياھو ساڳي ڪار فلسطينين سان روا رکي آھي. ھٽلر جي ھوڏ ڪري ٻي جنگ عظيم لڳي ھئي ۽ ھاڻي نيتن ياھو ڪري دنيا ٽين جنگ عظيم جي ڪناري تي بيٺل پئي نظر اچي. ڪي تجزيا نگار تـه اھا دعوا ڪن ٿا تـه ٽين جنگ عظيم جاري آھي. يوڪرين ۽ روس، فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ھلندڙ گرم جنگيون ان جو ثبوت آھن.  ھن وقت اسرائيل جھڙو ننڍڙو ملڪ پراڻي ھٽلر جي دؤر وارو جرمني جھڙو طاقتور ملڪ ٿي اڀريو آھي. بظاھر ڪو سندس طاقت کي للڪارڻ وارو نظر نـٿو اچي. لڳ ڀڳ سمورا عرب ملڪ سندس غيض ۽ غضب کان ڊنل ۽ ھيسيل ٿا نظر اچن. فلسطين جي آس پاس جنگي طاقت رکندڙ ويڙھو عرب ملڪ جھڙوڪر عراق، ليبيا، شام آھن، انھن کي مختلف حيلن بھانن سان آمريڪي سامراج اڳ ئي تھس نھس ڪري ڇڏيو آھي. مصر پنھنجا ڪن لڪائڻ ۾ پورو آھي. سعودي عربيـه، يو اي اي، ڪويت، قطر جھڙا شاھوڪار عرب ملڪ ۽ انھن جا حڪمران پنھنجين بادشاھين جي بچائڻ کي اوليت ڏيندي نظر پيا اچن ۽ ھو واپاري لڳ لاڳاپن کي ڪنھن بـه صورت ۾ فلسطين جھڙي سانحي تي ڪڏھن بـه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. افغانستان تازو جنگين مان جان آجي ڪري مس جھڙو ساھي پٽي آھي ۽ تاريخ مان ڪجھ سبق پرائي پنھنجي ملڪ جي ترقي طرف متوجھ ٿيا آھن، اھي ڪنھن بـه صورت ۾ ھاڻي اھڙي باھ ۾ پنھنجا ھٿ ڪونـه ساڙيندا. پاڪستان وارن وٽ دڙڪا ۽ دهمان آھن، جن جي سڀني کي خبر آھي ۽ ھتي جي حڪمرانن ۽ اڇي ڪاري جي مالڪن جي ڏور آمريڪا بھادر جي ھٿ وس آھي، اھو رسي کي ڇڪي ڊگڊگي وڄائيندو تـه يار مليل ھدايتن مطابق ٺينگ ٽپا ڏيندا. اھڙي دؤر ۾ مسلمان ملڪن مان واحد ايران اھڙو ملڪ آھي، جنھن اسرائيل تي جوابي حملي ڪرڻ جي جرئت ڪئي آھي. جيتوڻيڪ ايران پنھنجو پاڻ دنيا جي ڊنگ داداگيرن جي لڳايل پابندين ڪري سخت حالتن سان منھن مقابل آھي. ايران جي حملي ڪري اسرائيل اندر ڪوبـه جاني نقصان نـه ٿيو آھي پر اسرائيل جي شھرين ۾ ھڪ خوف جي فضا سو ضرور قائم ٿي ويئي آھي. ايران جي حملي جي جواب ۾ اسرائيل پڻ ايران تي حملو ڪري حساب برابر ڪري چڪو آھي.ايران جي حملي خلاف ھڪدم آمريڪا سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڪوٺائي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو تـه اھي اسرائيل خلاف ايران جي حملن جي نـه رڳو مذمت ڪن پر ان تي اڳ لڳايل پابندين کي سخت پڻ ڪن. آمريڪا ۽ سندس يورپي يونين جي ساٿارين جي انسان دشمني جي حد آھي تـه دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيل پاران ڪيل حملي تي کين ڪا ڳڻتي ناھي پر جيئن ئي ايران اسرائيل جي فوجي ٺڪاڻن تي جوابي حملو ڪيو تـه کين ايران جي جارحيت نظر آئي آھي. 34 ھزار جي لڳ ڀڳ شھيد فلسطيني، سموري انفرا اسٽڪچر جي تباھي، انساني سانحن تي کين ذرو برابر اعتراض يا سندن اکين ۾ شرم ۽ حياءَ جو ترورو به نظر نـٿو اچي. کين ايران جي حملي تي سخت ڳڻتي آھي، جنھن ۾ اسرائيل جو ڪوبـه جاني نقصان ناھي ٿيو. اسرائيل جي حمايت ۾ آمريڪي سامراج ۽ سندس يورپي يونين وارا ساٿي طاقتور ملڪ جھڙوڪ برطانيا، اٽلي، جرمني، فرانس اسرائيلي جارحيت جي پاسي بيٺا آھن. اھي اسرائيل جي ھر انسان دشمن ڪارروائي جي حمايت ڪندي ڪو عار محسوس ڪونـه ٿا ڪن.دنيا جي تاريخ وڏن انساني ھاڃن سان ڀري پيئي آھي. ھي جيڪي بظاھر تمام وڏا طاقتور ۽ ناقابل شڪست ٿا نظر اچن، تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ کين منھن جون کائڻيون پيون آھن. ھٽلر کي اسٽالن جي اڳواڻي ۾ سوويت يونين جي ڪامريڊن نـه رڳو ڏينھن جا تارا ڏيکاريا ھئا پر کين اتي فاش شڪست ملي ھئي ۽ ھٽلر ايڏو تـه مجبور ٿي پيو ھو، جو خودڪشي ڪري ڇڏي ھئائين. غريب، مسڪين، بکين ۽ ننگن ويٽنامين آمريڪي سامراج کي ذلت ڀري شڪست ڏني ھئي ۽ کين پنھنجي ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍي ڇڏيو ھو. آفيمي قوم طور مشھور چينين تنھن وقت ھٽلر جي ساٿي ملڪ جاپانين جا ڏند کٽا ڪري ڏيکاريا ھئا. ڪيوبا جي فيڊل ڪاسٽرو ۽ عظيم گوريلا اڳواڻ چي گويرا آمريڪين کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري کين پنھنجي اوقات ياد ڏياري ھئي.سڄي دنيا جو حق پرست ماڻھو فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي خلاف آھي، اھي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنھنجي غم ۽ غصي جو اظھار ڪري رھيا آھن. مختلف ايوانن ۾، راند جي گرائونڊن ۾ فلسطينين جي حق ۾ زوردار آواز بلند ٿي رھيا آھن. اقوام متحدا جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين کي بطور مڪمل آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ رڪن طور شامل ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي ويئي ھئي، جنھن کي آمريڪا ويٽو ڪري پنھنجو فاشسٽ روپ وڌيڪ وائکو ڪيو آھي. جنگ ۾ شڪست ڪنھن ملڪ تي جنگي ساز ۽ سامان سان قبضو ڪري ويھڻ جو نالو ناھي. فلسطينين، مسلمان ملڪن توڙي دنيا جي سموري حق پرست عوام جي دلين ۾ اسرائيل ۽ سندن ساٿارين خلاف جيڪا نفرت جي باھ ڀڙڪي پئي آھي، اھا ڪڏھن بـه ۽ ڪٿي بـه ڦاٽي سگهي ٿي. ھونئن بـه تاريخ ۾ طاقت جو توازن ڪڏھن ھِن تـه ڪڏھن ھُن پاسي ٿيندو رھندو آھي. ڪھڙي خبر اڄ اسرائيلي، آمريڪي ۽ سندن ٻانھن ٻيلي بڻيل يورپين يونين وارا جيڪا ڪار ٻين ملڪن ۽ ماڻھن سان روا رکيو پيا اچن، مستقبل ۾ کين بـه متان اھڙا ڏينھن ڏسڻا پون. ٿي سگهي ٿو تـه تاريخ جي ڪنھن موڙ تي اڄ جا مظلوم ايترا طاقتور ٿي وڃن جو ھو اڄ جي طاقتور ملڪن جي ظالم ترين حڪمرانن کي گوڏي ڀر ڪيرائي کين گيسيون ڪرائين.