سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن … II … هڪ ڊي اين اي جنهن عظيم راز کولي ڇڏيو

0
41
سِنڌُو سَڀِيتا جي اوجَ ۽ زوالُ وارا ڏينهن ... II ... هڪ ڊي اين اي جنهن عظيم راز کولي ڇڏيو

 راکي ڳڙهي مان مختلف دَڙن ۽ تَهَن مان هڏاوان پِڃرا ملندا رهيا. لڳ ڀڳ ايڪهٺ انساني هڏاون پڃرن مان 2018ع ۾ هڪ عورت جي هڏائين پِڃري مان ڊي اين هٿ آئي ۽ اها ڳالهه ميڊيا ۾ ڦهلجي وئي. جڏهن ان رپورٽ جي ترتيب تيار ڪئي وئي ته هندستان جي پريس جي هندومت سان لاڳاپيل حلقي رپورٽون شروع ڪيون ته ڊي اي اي وسيلي ثابت ٿيو آهي ته سنڌو سڀيتا جي هڙپا جي اوج واري تهذيبي ڏينهن دوران به هندو آريا هئا، جيڪي وچ ايشيا مان آيا ۽ انهن تڏهن ئي هندو ڌرم ۽ رگ ويد آندو. 2018ع ۾ آيل رپورٽ جي حوالي سان سائنسي بنيادن تي دعوا سامهون آئي ته ٻه هزار قبل مسيح کان 15 سئو ق م واري وقت ۾ آريا وچ ايشيا مان انڊيا ۾ آيا، ۽ انهن ئي انڊو يورپين ٻولي آندي. رپورٽ جو نالو The Genomic Formation of South and Central Asia آهي ۽ ان کي مارچ 2018ع ۾ آن لائين پڌرو ڪيو ويو، جنهن کي لکندڙ 92 سائنسدان آهن ۽ ان جي بنياد تي چيو ويو ته وچ ايشيا مان آيل ماڻهن پاڻ کي آريا چيو. پنهنجي جاءِ تي خود اهو وڏو سوال آهي ته جيڪو سنڌو سڀيتا جو اوائلي يا شروعاتي دور آريائي سمجهيو وڃي ٿو، ان وقت وچ ايشيا جي پنهنجي حالت ڇا هئي، جو اتان آيل ماڻهو سڌريل هئا؟! تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي سلطنتي يا مملڪتي نظام ئي اسرڻ جهڙو مس هو ته اهي ڪيئن سڌريل ٿيا ۽ وٽن ويدن جهڙو ادب، فلسفو، سائنس، جنگي علم ۽ مذهب هو؟ ان پاسي تي تحقيق جي تمام گهڻي گهرج آهي ته همعصر دور کي به ڏٺو وڃي، جيڪو هتان کان پوئتي پيل ٿو ڏسجي.

پر جڏهن ڇَهين سيپٽمبر 2019ع تي انهن ئي 92 سائنسدانن ۾ شامل ڊاڪٽر وسانت شندي ۽ ڊاڪٽر نراج راءِ نيو دهلي ۾ راکي ڳڙهي مان مليل ڊي اين اي جو نتيجو ظاهر ڪيو ۽ چيو ته، “ان ڊي اين مان ثابت ٿئي ٿو ته اِها هتان جي اصلوڪن ماڻهن جي آهي ۽ انهن جو واسطو ڪنهن به ريت وچ ايشيا يا ان پاسي جي يورپي ماڻهن سان ناهي”. ان کان ٻه ڏينهن اڳ نيشنل لائبريري آف ميڊيسن آمريڪا، نيشنل سينٽر فار بايوٽيڪنالاجي انفارميشن  به پنهنجي ويب سائيٽ تي 4 سيپٽمبر 2019ع تي اها مڪمل رپورٽ جاري ڪئي. ان ڊي اين اي رپورٽ جي بنياد تي سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل آريائي ٿيوري کي مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته يورپ جي سائنس جي اهم اداري Europe PMC هڪ مڪمل رپورٽ وسيلي ان ڊي اين اي بابت ٿيل سائنسي تيارين ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ واري سائنسي ريسرچ ميٿڊالاجي An Ancient Harappan Genome Lacks Ancestry from Steppe Pastoralists or Iranian Farmers به پڌري ڪري ڇڏي. جڏهن ته سائنس بابت رپورٽون ڏيندڙ Cell Press به 17 آڪٽوبر 2019ع تي An Ancient Harappan Genome Lacks Ancestry from Steppe Pastoralists Iranian Farmers جي سِري سان مڪمل طور ڇاپي، جيڪا اڳ ۾ Cell Science ڇاپي هئي. جڏهن ته دنيا جي مشهور ترين رسالي The Atlantic پنهنجي پنجين سيپٽمبر 2019ع واري آيل شماري ۾ هڪ رپورٽ A Burst of Clues to South Asians “Genetic Ancestry” شايع ڪئي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو اها ڳالهه سامهون آندي وئي ته سنڌو سڀيتا جي راکي ڳڙهي Rakhigarhi مان هڪ هڏائين پڃري جي ڪَنُ واري پاسي کان ڊي اين اي هٿ آيو آهي. ان کان اڳ هزارين آڳاٽن هڏاون پڃرن مان چڪاسون ڪرڻ باوجود ڪو به ڊي اين اي هٿ نه آيو هو، ان حوالي سان بائيولاجسٽس جو خيال هو ته لاڳيتين برساتن ۽ تيز ٿڌين توڙي گرم موسمن سبب انهن هڏن مان ڊي اين اي ملڻ ممڪن نه رهيو هو. دي ايٽلانٽڪ The Atlantic موجب: “ان حوالي سان جيڪي ٻه تحقيقي مقالا ڇپيا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها ڊي اين اي رپورٽ سنڌو سڀيتا سميت سموري ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي تاريخ تي نئين روشني وجهندي. … جيڪي تازو جينوم سامهون آيا آهن، انهن ثابت ڪيو آهي ته هتان جا ماڻهو ۽ ايران سان واسطو رکندڙ شڪاري گروپ پاڻ ۾ گڏبا رهيا آهن ۽ ڪجهه وچ ايشيا جا به”. هتي وچ ايشيا جو دي ايٽلانٽڪ ان ڪري حوالو ڏنو جو سڀيتا جي اوج واري دور کان گهڻو پوءِ وچ ايشيا جا ماڻهو به هن کنڊ طرف ايندا رهيا.

ان ڊي اين اي جي رپورٽ ان ٿيوري جا کَنڌا کڻي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو ته هتان جا ماڻهو وچ ايشيا ۽ يورپ جا آريا لوڪ آهن. پر ان ڊي اين اي رپورٽ تحت هريانا جا اهي رهائشي تامل واري علائقي جا دراوڙي ثابت ٿيا آهن ۽ ان جو واسطو ايرولا Irula قبيلي سان آهي، جيڪي تامل ناڊو ۽ ڪيرالا واري پاسي رهندڙ آهن. هونئن سنسڪرت ۾ آريا جو مطلب عزت وارو يا مانائتو آهي يا نج نجار آهي، جڏهن ته ان لفظ جي معنا صفت طور آهي ته پوءِ اهو نسل طور ڪيئن اپٽاريو ويندو رهيو آهي؟ اهڙي ريت بعد ۾ ڪيترن ئي هندو ڌرمن ۾ ان جي پنهنجي پنهنجي تشريح سامهون آئي آهي. آريا لوڪن جي ٿيوري کان اڳ ئي سنڌو سڀيتا جي علائقن ۾ هزارين سالن کان مختلف وقتن ۽ زمانن ۾ تمدن ۽ تهذيب وارا رهندا پيا اچن. ان ڪري ئي وچ ايشيا مان امڪاني طور آيل آرين واري ٿيوري سائنسي بنياد تي ثابت ناهي ٿي سگهي. وچ ايشيا جي Bronze Age  واري وقت ڊي اين اي R1a1 آهي، جنهن کي آرين جي ڊي اين اي چيو ٿو وڃي، اها ڊي اين اي وچ ايشيا جي ان دور جي اڄ ڏينهن تائين ساڳي آهي. اُن وقت جي حوالي سان سنڌو سڀيتا مان اهڙي ڪا به ملندڙ ڊي اين اي هٿ ناهي اچي سگهي. هروڀرو جي اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ويدڪ آريائي هندوتا آهي ۽ مهين جي دڙي تائين ان کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. پر سائنسي طور ڪجهه به سامهون ناهي اچي سگهيو. اٽلندو اها ڊي اين اي ڏکڻ هندستان جي دراوڙي قبيلن سان مليل ثابت ٿي آهي.

اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪي اهڙا حملا آور يا ڦورن جا ٽولا وچ ايشيا يا سائبيريا مان آيا هجن، انهن مان ڪي ماڻهو ڏکڻ هندستان ۾ رهيا هجن، ڇو ته ڪي جينيٽڪ رپورٽون تاريخ جي بعد واري دور ۾ وچ ايشيا جي ماڻهن جِي ڊي اين اي ثابت ڪن ٿيون، ڇو ته منگولن کان اڳ به حملا ٿيا، ان جي باوجود به سموري ننڍي کنڊ ۾ وچ ايشيا سان ميچ ڪندڙ ڊي اين اي 17.5 سيڪڙو آهي، سا به عيسوي صديءَ واري وقت دوران جي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو ننڍي کنڊ جو پاسو اتر انڊيا چئبو آهي، جيڪو اڪثريتي سنڌو سڀيتا تي ٻڌل آهي، اهي اڃان به آڳاٽي زمانن کان هتان جا اصلوڪا ماڻهو آهن، ان ڊي اين اي جو تعلق انهن يارنهن ڊي اين ايز سان ملي ٿو، جيڪي ايران ۽ ترڪمنستان جا آهن، جن جو تعلق ڏهه ٻارنهن هزار سال تائين ڦهليل آهي ۽ 92 سائنسدانن جي رپورٽ به اهو ئي ثابت ڪيو آهي، ترڪمنستان وچ ايشيا ۾ آهي پر ايران مان آڳاٽين 11 ڊي اين ايز مان هڪ اتان جي آهي، جنهن بابت خيال اهو آهي ته اها ڪنهن شڪاريءَ جي آهي، جيڪو ايران ۾ رهجي ويو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي ڊي اين اي به شڪار ڪندڙن يا هارپو ڪندڙن جا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هِتان جا ماڻهو اتي وڃي مئا هُجن يا اُنهن مان ڪي هِتي اچي رهيا هُجن. پر اهي يارنهن اوائلي ايراني علائقن مان هٿ آيل ڊي اين اي انهن شڪاري ماڻهن جو مُرڪب آهن. پر اها پڪ ٿي وئي آهي ته لڳ ڀڳ ڏهن هزارن سالن کان سنڌو سڀيتا ۽ ان جي هڙاپا واري زندگيءَ جون جينياتي وابستگيون ڏکڻ ايشيائي آهن ۽ گهڻي ڀاڱي سنڌو سڀيتا سان آهن، ان جو مطلب ته گهڻي ڀاڱي هتان جو جينياتي تسلسل انتهائي آڳاٽو آهي. جيستائين ڪو ٻيو ڊي اين اي هٿ اچي.

انڊيا جي ڪجهه اخبارن اهو رپورٽ ڪيو آهي ته 2022ع ۾ راکي ڳڙهي جي ستين نمبر دڙي، جنهن کي آرڪيلاجيڪل نالو آر جي آر 7 ڏنل هو، مان ٻن عورتن جا هڏاون پڃرا پيل مليا هئا ۽ انهن پڃرن جي ڀرپاسي ٺڪر جو سامان به هو، جڏهن ان سامان جي چڪاس ٿي ته اهو لڳ ڀڳ چوويهه پنجويهه سئو قبل مسيح سان واسطو رکندڙ هو ۽ ان بنياد تي هڏاوَن پڃرن جي ڊي اين اي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته انهن مان به ڊي اين اي هٿ آئي آهي، اها رپورٽ اڃان سامهون ناهي آئي. پر 92 سائنسدانن واري رپورٽ جي هڪ ميمبر هاروڊ ميڊيڪل اسڪول آمريڪا جي جينيٽڪ سائنسدان ڊيوڊ ريخ جو 5 سيپٽمبر 2019ع واري Simithsonian Mag جي هن لنڪ https://www.smithsonianmag.com/science-nature/rare-ancient-dna-south-asia-reveals-complexities-little-known-civilization-180973053/ موجب چوڻ آهي ته، ”ڏکڻ ايشيا ۾ منگوليا کان ٿيندا جيڪي اوڀر يورپ جا ماڻهو آيا، انهن جو ڊي اين اي هن وقت جي هندستان ۾ ته ڪٿي ڪٿي موجود آهي پر اهو سنڌو سڀيتا جي وقت ۾ نه ٿو ملي”. انهن جينيٽڪ رپورٽن توڙي زرعي سماج جي اوسر واري تحقيق جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جا نسلي لاڳاپا وڌيڪ ايراني يا ٿورا ترڪمنستاني علائقن تعلق رکندڙ آهن جتان جي يارنهن جينوم سان سنڌو سڀيتا جي اها ڊي اين اي ملندڙ آهي. (هلندڙ)