حقيقت حڪمرانيءَ جِي، جي ظاهر ٿِئي ذرِي …

0
34
حقيقت حڪمرانيءَ جِي، جي ظاهر ٿِئي ذرِي ...

  ننڍي ھوندي گرمين ۾ ڪمند جي رس واري وٽ ايندا ھئاسين ته ڪمند جون لٺيون ٻه دفعا پيڙجڻ کانپوءِ اسان کي سُڪل لڳنديون ھيون، پر ڪمند وارو ھڪ دفعو وري انهن کي مشين ۾ وجهي پيڙيندو ھو ۽ اُنھن مان ڪجهه ڦڙا نڪري ايندا ھئا. ھن وقت مھانگائي، ڪرپشن، بدانتظامي ۽ سياسي ويڳاڻپ، پاڪستان جي عام ماڻهن جي حالت ڪمند جي اُن ور ور ڏئي پيڙيل لٺ واري ڪري ڇڏي آهي. حڪمرانن چيو ته پاڪستاني رپيو مضبوط ٿيندو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گھٽ ٿيندا. آمريڪن ڊالر 315 مان تقريبن 280 رپين تي قائم آھي پر تيل جون قيمتون ھر 15 ڏينهن تي وڌن پيون. ايراني تيل 60 رپين ۾ خريد ڪري بارڊر جا محافظ ملڪ ۾ عالمي اگھن تي وڪڻن پيا ۽ منافعو دبئي، يو ڪي ۽ آمريڪا پيو وڃي. جيڪڏهن صرف اھو رشوت جو پئسو ملڪ ۾ رکن ته به غربت گھٽجي سگهي ٿي. پر حڪمرانن کي عياشيون ته ٻاھرين ملڪن ۾ ڪرڻيون آھن ۽ اسان کي ھتي صبر ۽ برداشت جا سبق پڙھائڻا اٿن. ملڪ جي ڪڻڪ، کنڊ، بصر، چانور، گوشت، مڇيون ۽ فروٽ ٻاھرين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ يا اسمگلنگ ڪري ڪمائڻو اٿن ۽ ملڪ ۾ چانور، گوشت، ڪڪڙ، سامونڊي مڇيون ۽ فروٽ غريبن ۽ وچولي طبقي جي قوتِ خريد کان ٻاھر ٿي ويا آھن. بس ھاڻي گھڻن گھرن ۾ روزانو پٽاٽن يا دال جو ڇڊو ٻوڙ ٺھي ٿو.

اسٽيبلشمينٽ ته جيڪو ڪري، سڀ جائز سمجهيو ويندو آهي، پر ھيٺين به گھٽ ڪانه ڪئي آھي. وزيرن ۽ ڪامورن رشوت جا ريٽ وڌائي 60 کان 70 سيڪڙو ڪميشن تي کڻي آيا آهن. پوءِ حيدرآباد جو مکيه رستو آٽو ڀان روڊ کڏا کوٻا نه ھوندو ته ڇا ھوندو! پوليس، تپيدار، مختيارڪار ۽ مٿيان ويچارا وسان ڪونه ٿا گھٽائين. تڏهن ته بازارن جي رونق قائم آهي. ھڪڙن جي گھرن ۾ کائڻ لاءِ ماني ڪانهي ۽ علاج لاءِ پئسا ڪونه آهن. ٻئي طرف بيگمات ڊپريشن ختم ڪرڻ لاءِ روزانو ٽي چار نوان وڳا ۽ سينڊل وٺيو اچن. صاحب ته صاحب پر سندن ڊرائيور، نوڪر بوسڪي جا وڳا پائي چپي ٿا مارين. اھو سڄو رشوت تي پلجندڙ قبيلو ڪارخانا ڪونه ھڻندو، نوان روزگار جا موقعا ڪونه پئدا ڪندو، پر اھڙا اپاھج ۽ واٺا پيو پئدا ڪري، جيڪي حڪمران ٽولي جي چاپلوسي ۾ مصروف آهن.

ملڪ ۾ ڪرپشن اھا گندگي آهي، جنهن ۾ منشيات جو استعمال ۽ بدانتظامي جون بيماريون پئدا ٿين ٿيون. 2010 جي ٻوڏ، 2011 جون برساتون ۽ 2022 جي ٻوڏ ۾ انهن ڪرپٽ حڪمرانن ڪيئن سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو، اھو ڪنھن کان به لڪل ڪونه آهي. اڄ به سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي شهر انهن ٻوڏن سبب تباهه ٿيل آهن، جن کي سرڪاري فائيلن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاري سهڻا شهر ڪري ڏيکاريو ويو آهي پر اتي صورتحال اڃان به بد کان بدتر آهي. ڪراچي، لاڙ جي پٽي ۽ ٻين شھرن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ھاڻي ته حڪومت ۾ آھن. منشيات وڪڻندڙن خلاف ھلندڙ مھم صرف انھيءَ ڪاروبار ۾ پنهنجي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ آهي. مون کي گھڻو عرصو اينٽي ڪرپشن ۾ ھڪڙو سينيئر ۽ نسبتن شريف آفيسر مليو، جنهن ٻڌايو ته اسان صرف انھن کي گرفتار ڪندا آهيون، جيڪي مٿي پورو حساب ڪتاب ڪونه پھچائيندا آهن يا سياسي مخالف ھوندا آھن. باقي ٻين کان اسان پنھنجو حساب وٺي ساڻن سنگت رکندا آهيون. منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي به لڳي ٿو ته ساڳي پاليسي آهي. چيف سيڪريٽري، ٻين سيڪريٽرين ۽ اعليٰ پوليس عملدارن کان سندن برابري وارا مخالف پڇندا آھن ته ڇا پيا ڪريو؟ ته چوندا مجبور آھيون. پر جيڪڏهن عام سياسي ڪارڪن ۽ عوام مان ڪنهن پڇا ڪئي ته پوءِ سندن دڙڪو ۽ ڪرڙيون اکيون عام ماڻهن جي ساهه سڪائڻ لاءِ ڪافي آهن. انھيءَ سڄي ماحول ۾ جيڪا بيوروڪريسي چونڊي وئي آهي ۽ انتظام ھلائي پئي، انھن کي صرف رسائي ڪرڻي آهي. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن سيڪريٽري سطح جا ماڻھو دڙڪا ۽ چماٽون کائي نوڪري بچائيندا آھن.

ھن سڄي ماحول ۾ اليڪشن تبديليءَ جي دري کوليندي آهي. پر ڪنھن زماني ۾ ٽڪيٽ جي کڙڪي تي سينيما جا غنڊا ٽڪيٽ وٺڻ ڪونه ڏيندا ھئا ۽ بليڪ تي ٽڪيٽ وڪڻندا ھئا. ھاڻي اليڪشن جي ڪاميابي اسٽيبلشمينٽ جي اصل مالڪن جي ھٿ ۾ آھي. فارم 45 ۽ فارم 47 جي ڪھاڻي ڪورٽن آڏو به پيش ٿي آھي، فيصلو شايد 4 سالن کان پوءِ ايندو ۽ سال اپيل ۾ لڳندو يا مالڪ بيزار ته فيصلو تيار. نواز شريف صاحب جي روئڻهارڪي شڪل ڏسي لڳي ٿو ته شايد واقعي سندس سيٽ به فارم 47 جي ڪري قائم آهي ۽ ان ڪري ئي هو مٿين سطح جي سياست کان پاسيرو ٿي ويو آهي ته اهو معاملو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حل ڪرائي، پوءِ وري وزير اعظم جي سيٽ تي براجمان ٿجي. جڏھن عام ماڻهن جي ووٽ جي ڪا اهميت ئي ڪونه آهي ته پوءِ ماڻهو سوچيندا آهن ته ووٽ ڇو ڏجي؟ ان سوال تي هن اليڪشن ۾ ڪنهن حد تائين عمل به ٿيو. ڪيترن ئي تڪن تي ووٽر گهرن مان ئي نه نڪتو ۽ ڪيترن ئي تڪن تي خالي دٻا ڀرجڻ جون وڊيوز به هليون آهن. ان ڪري هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا اليڪشن کان سواءِ تبديليءَ جو ڪو ٻيو رستو ڳولجي؟

اسان جا حڪمران طبقا، ملڪ کي اھڙي کاھيءَ ۾ اڇلائڻ وارا آهن، جو آئي ايم ايف کان به رڙ نڪتي آهي ته رياستي خرچ گھٽايو، بجلي چوري بند ڪري بجلي سستي ڪريو، ٽيڪس ڊائريڪٽ زراعت، ريئل اسٽيٽ، وڏن دڪاندارن ۽ اميرن تي ھڻو. اڻ سڌا ٽيڪس گھٽ ڪريو، جيئن مھانگائي گھٽجي. پر اسان جا حڪمران ڪن ڇا پيا، انهن سڀني مطالبن جي ابتڙ بجلي چوري جي الزام ۾ غريبن تي ڊٽيڪشن بل ۽ ٻيا اڻ سڌا ٽيڪس انهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. وڏن سرمائيڪارن کي ٽيڪس ڇوٽ کانسواءِ ٻيو رعايتون ڏئي هر شئي مهانگي ڪرائي ڇڏي آهي. رياستي خرچ اهڙا جو وزيرن کانسواءِ هڪ سيڪريٽري به هر مهيني پنهنجي بيگمات سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو سرڪاري ڪم لاءِ دوري جو بهانو ڪري گهمي ڦري رهيو آهي. ان ڪري ئي اسان جا حڪمران چوندا آهن ته وقت ٿورو آهي، هر شئي کڻي وٺو، ٿيندو ڇا؟ في الحال ته سنڌ ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙن ۾ ڦاٿل آهي ۽ اسان جا حڪمران بيان بازي ۾ مصروف آهن. هاڻ ته سنڌ جا ڌاڙيل ٽڪ ٽاڪ ٺاهي اسان جي وزيرن ۽ ميڊيا هائوسز ڏانهن موڪلي رهيا آهن پر انهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي. چون ٿا ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن سان ليس آهي پر ڪچي جي ڌاڙيلن آڏو بيوس آهيون. هاڻ وري سوال ساڳيو آهي ته آخر ٿيندو ڇا؟