سپريم ڪورٽ: ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 600 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد

0
44
سپريم ڪورٽ: ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 600 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد
سپريم ڪورٽ: ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 600 ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد

سپريم ڪورٽ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 6 سئو ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪابينا قانون کان مٿانهين آهي، ڪابينا ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ قانون ريگولرائيزيشن جي اجازت ڏئي ٿو ته ٻڌايو

 درخواستگذارن جي وڪيل عمر سومرو عدالت کي ٻڌايو ته ڪابينا انهن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، ان باوجود ڪانٽريڪٽي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو، رولز آف بزنس ۾ يونيورسٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو قانون آهي

 چيف جسٽس چيو ته رولز آف بزنس کي مقررين ۽ ريگولرائيزيشن جو قانون نه بڻايو، اهو هتي لاڳو نه ٿيندو، سرڪاري ادارن جي حالت ڏاڍي خراب آهي، رڳو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان جي سمورين يونيورسٽيز ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ جي ايڊهاڪ ڀرتين تي پابندي هجڻ گهرجي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته توهان ريگولرائيز ڪرڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيو، چيف جسٽس چيو ته سرڪار ۽ پارليامينٽ جو ڪم اسان نه ڪنداسين