سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو

0
274
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپيا لاٿ سان 215200 مان 213800 رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته چاندي 20 رپيا لاٿ سان 2770 مان 2750 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا اضافي  سان  280.5 مان 281 رپين تي پهتو

جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 279.67 رپين تي برقرار رهيو، ٻئي طرف  پائونڊ ۽ يورو 50 پئسا واڌ سان 359 مان 359.5 ۽ 305.5 مان 306 رپين تي بند ٿيا