ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ڪرڻ ۽ ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جو فيصلو، ڪالهه اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ايڪسائز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنھور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آھن، کين ڪنھن به صورت ۾ بخش نھ ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪيا ويندا، سندن اڪائونٽ فريز  ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کي ساراھيو ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ آفيسرن جي تعريف ڪندي ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جون ھدايتون ڏنيون. هن چيو ته منشيات فروش ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آھن، ساڻن ڪنھن به قسم جي نرمي جو مظاھرو نه ڪيو ويندو، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وينديون. هن چيو ته منشيات فروشن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندو ويندو، ابتدائي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندا ويندا. هن چيو تھ منشيات خلاف ڪاررايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آھن، لاڳاپيل ادارا ھر وقت سھڪار ڪندا. ھن لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون ڏنيون ته منشيات فروشن خلاف پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن واري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي.  اجلاس ۾ بھترين ڪارڪردگي وارن آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.