ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي فزيولاجي جي پھرئين سال جي شاگردياڻين ڪرينه هاليپوٽو مبينا طور اغوا، والد جي فرياد تي علي رضا سولنگي ۽ ٻن نامعلومن خلاف اغوا جو ڪيس ڄامشوري ٿاڻي تي داخل، بلڙي شاهه ڪريم واسڻ فزيولاجي شعبي جي پهرئين سال جي شاگردياڻي ڪرينه هاليپوٽو مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنھن جي والد عبدالڪريم هاليپوٽو پاران ڌيءُ جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي جوابدار علي رضا سولنگي ۽ ٻن نامعلومن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منھنجي ڌيءُ ڪرينه هاليپوٽو  سنڌ يونيورسٽيءَ جي فزيولاجي شعبي جي پهرئين سال ۾ پڙهندي آهي، ڌيءُ ڪجهه ڏينهن اڳ شڪايت ڪئي ته علي رضا  سولنگي شادي لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، فريادي موجب 25 اپريل تي  ڪرينا پڙهڻ لاءِ صبح جي وقت سنڌ يونيورسٽي وئي جيڪا واپس گهر نه پهتي آهي. جوابدار علي رضا سولنگي پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي منهنجي ڌيءُ ڪرينا کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو آهي.