پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي

0
334
پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي
پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ڪاروبار دوران مارڪيٽ جي انڊيڪس ۾ 1000 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي

اسٽاڪ مارڪيٽ جي انڊيڪس ۾ اُن وقت مندي ٿي جڏهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران اِهو اعلان ڪيو ويو ته ايران پاران پاڪستان جي سرحدي حدن ۾ ڪيل حملي کانپوءِ پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ ايراني سرحد اندر دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي

پرڏيهي وزارت جي اهڙي اعلان کانپوءِ انڊيڪس 62558 پوائنٽس جي سطح تي ڪري پئي، تجزيه نگارن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ کي مارڪيٽ ۾ مندي جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي

تجزيه نگارن موجب آءِ ايم ايف 70 ڪروڙ ڊالرز جي قسط جاري ٿيڻ ۽ گڏيل عرب امارات پاران 2 ارب ڊالر ڊيپازٽ جي رول اوور کانپوءِ مارڪيٽ ۾ تيزي جو امڪان هو، پر پاڪ ايران ڇڪتاڻ جي ڪري مارڪيٽ ڪري پئي

هي به پڙهندا

آپريشن مرگ بر، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ ملٽري آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا