آپريشن مرگ بر، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ ملٽري آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

0
137

آپريشن مرگ بر سرمچار شروع، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

ان سلسلي ۾ پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن جو نالو مرگ بر سرمچار رکيو ويو آهي، سيستان ۾ انٽيلي ج نس بيسڊ  پاڪستاني آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي  ويا

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪجهه سالن کان ايران کي بار بار دهشتگردن جي چرپر بابت آگاهه ڪندو رهيو، آپريشن جي ڪاميابي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي مهارت جو ثبوت آهي

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ ضروري قدم کڻدو رهندو، پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي  سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو

پرڏيهي ترجمان موجب اڄوڪي ڪارروائي جو مقصد پاڪستان  جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد لاءِ  هو، پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي مفاد حاصل ڪرڻ تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي