اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شير افضل مروت آئوٽ، پي ٽي آءِ باني چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي عهدي لاءِ شيخ وقاص اڪرم جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب پوليٽيڪل ڪاميٽي هڪ ٻن ڏينهن اندر شيخ وقاص اڪرم جو نالو اسپيڪر قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻيندي، ذريعن موجب چيئرمين پي اي سي لاءِ علي محمد خان جو نالو به غور هيٺ آيو، پوليٽيڪل ڪاميٽي پي ٽي آءِ باني جي منظوري بعد شيخ وقاص اڪرم جو نالو فائينل ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني ان کان اڳ چيئرمين پي اي سي لاءِ شير افضل مروت جو نالو تجويز ڪيو هو.