نو مئي جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي: صدر علي آصف زرداري

0
23
9 مئي جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي: صدر علي آصف زرداري
9 مئي جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي: صدر علي آصف زرداري

صدر آصف زرداري پاران 9 مئي تي پُرتشدد واقعن جي مذمت، ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو

سياسي طور مشتعل جٿن 9 مئي تي سموري ملڪ ۾ ڪهرام برپا ڪيو، مشتعل هجوم سرڪاري ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، 9 مئي واقعن سان ملڪي ساک بدترين نموني متاثر ٿي، پرتشدد واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جا مفاد پورا ٿيا، پُرامن مظاهرا ۽ تعميري تنقيد جهموريت جو روح آهن

آئين ۾ جلسا ۽ راءِ جي اظهار جا بنيادي حق ڏنل آهن، بنيادي حقن کي آئين ۽ قانون موجب ذميواري اسان استعمال ڪرڻ گهرجي، 9 مئي جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي، سموريون سياسي پارٽيون رواداري ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪن