شڪارپور/ڪرمپور(رپورٽ: وحيد بروھي+ سيف الله بجاراڻي) شڪارپور جي ڪچي مان راولپندي واسي آغا سھيل خان جو لاش ھٿ ڪيو ويو آھي ٻڌايو پيو وڃي ته ڀنگ نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن آغا سھيل خان کي قتل ڪري لاش 26 ميل وٽ اڇلائي فرار ٿي ويا جنھن بعد ڀرپاسي جي ماڻھن کي شڪارپور پوليس اطلاح ڪيو پوليس پھچي مقتول آغا سھيل خان جو لاش کڻي شڪارپور جي  آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور پھچايو جتي آر بي يو ٽي سول جي ايم ايس  پاران مقتول مسافر جو لاش رکڻ کان انڪار ڪيو ويو، اسپتال انتظاميا موجب اسپتال ۾  بجلي جو مسئلو آھي ۽ سرد خانو به ناھي تڏھن لاش اسپتال ۾ رکي نٿا سگھون، پوليس موجب راولپنڊي جي رھواسي آغا سھيل جو لاش ڪچي جي علائقي 26 ميل وٽان پوليس کي ھٿ آيو آھي وارثن سان رابطو ڪيو ويو آھي جيڪي لاش وصول ڪرڻ لاء شڪارپور نڪتا آھن پوليس موجب ته مقتول جي وارثن چيو آھي ته آغا سھيل جي اغوا جو ڪيس راولپنڊي ۾ داخل ٿيل آھي، ڌاڙيلن پاران ڀنگ گھريو ويو ھو نه ڏيڻ تان کيس قتل ڪيو ويو آھي.