اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته اسان جي هڪ نقاطي ايجنڊا آئين جي بالادستي آهي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته 9مئي هڪ سازش هئي جنهن جو نشانو باني پي ٽي آءِ هو، اسد قيصر چيو ته جيڪي الزام اسان تي لڳا اهي رد ڪريون ٿا، الزامن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، شبلي فراز چيو ته آئين جي جيئن تذليل ڪئي پئي وڃي ايئن اڳتي نٿو وڌي سگهجي، قانوندان حامد خان چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ مينڊينٽ چوري ڪري آيا آهن اهي اڄ آئين جي ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ، عدليه کي مائل ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر ان کي ڪير به قبول نه ڪندو.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته پاڪستان ۾ آئين عملي طور ختم ٿي چڪو آهي آئين ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي پر پي ٽي آءِ ججز جو مدو وڌائڻ جي مخالفت ڪري ٿي.