اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برساتن سان آبي ذخيرن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا وڌائي ڇڏي. ارسا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پاڻي جي آمد ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ خريف لاءِ پاڻي کوٽ 30 سيڪڙو مان گهٽجي 21 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ تازين برساتن سان پاڻي جي ذخيرن ۾ تقريبن 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ واڌ ٿي آهي. ارسا موجب اڄوڪي ڏينهن تائين تربيلا، منگلا ۽ چشما جا آبي ذخيرا 4.358 ملين ايڪر فوٽ آهن. جڏهن ته ارسا پاران خريف دوران کوٽ جو ڪاٿو 30سيڪڙو لڳايو ويو هو.