لاهور ۾ عدالتن جي منتقلي تي وڪيلن جو احتجاج، پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ، ڪيترائي گرفتار

0
31

لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪندڙ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويون

لاهور هاءِ ڪورٽ وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪيترائي وڪيل گرفتار ڪيا ويا، وڪيلن پاران به پوليس تي پٿراءُ ڪيو يو

 وڪيلن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سول ڪورٽس جي منتقلي خلاف لاهور بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران هاءِ ڪورٽ تائين ريلي ڪڍي وئي

 پوليس وڪيلن کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ عمارت جي گيٽ بند ڪري بيريئرز لڳائي ڇڏيا

 وڪيلن پاران رنڊڪون هٽائڻ تان چڪريون شروع ٿي ويون، چڪرين ۽ گرفتارين کانپوءِ وڪيلن جو لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران احتجاج جاري آهي