ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ دور ۾ لاڳو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فراڊ قرار

0
24
ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ دور ۾ لاڳو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فراڊ قرار
ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ دور ۾ لاڳو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فراڊ قرار

ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ دور ۾ لاڳو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فراڊ قرار ڏنو ويو آهي

وزيراعظم شهباز شريف سسٽم جي ناڪامي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 2019ع کان هيل تائين ناڪامي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ سسٽم قوم سان مذاق هو، سيمينٽ جي شعبي جو مثال ڏيندي وزيراعظم چيو ته ايف بي آر سسٽم لڳائڻ جو اختيار مالڪن کي ڏئي غفلت ڪئي

دنيا ۾ ائين ڪٿي ناهي ٿيندو، سسٽم وسيلي اربين ۽ کربين روپين جي آمدني ٿي سگهي ها، پر مجمراڻي غفلت ۽ ملي ڀڳت سان سسٽم کي برباد ڪيو ويو

ڪرپشن ۽ ٽئڪس چوري جو موقعو ڏنو ويو، کنڊ جي پيداوار ۾ اسٽيمپ سسٽم تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻن سالن تائين انگ اکرن ۾ هيرڦير ٿيندي هئي، اهو سڀ ڪجهه اُنهن جي حڪومت ۾ ٿيو، جيڪي پاڻ کي کير سان ڌوتل سڏيندا هئا