سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سياسي پارٽين کي الاٽ ڪيل مخصوص سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان

0
26
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سياسي پارٽين کي الاٽ ڪيل مخصوص سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سياسي پارٽين کي الاٽ ڪيل مخصوص سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان

ن ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ کي الاٽ ڪيل 77 مخصوص سيٽون سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ بابت فيصلي کانپوءِ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي

سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻين پارٽين کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون 77 مخصوص سيٽون سياسي پارٽين کي الاٽ ڪيون ويون

جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي 23 مخصوص سيٽن تي ميمبرن جون سيٽون متاثر ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي 20 ۽ اقليتن جي 3 مخصوص سيٽن تي اثرانداز ٿيڻ جو خدشو آهي

پنجاب مان عورتن جي 12، ڪي پي ڪي مان 8، پنجاب اسيمبلي ۾ 27 مخصوص سيٽون، پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 ۽ 3 اقليتي سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي

ان کان علاوه خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 25 مخصوص سيٽون، 21 عورتن جون، 4 اقليتن جون سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي

سنڌ اسيمبلي جي 2 سيٽن تي ميمبرن جي ميمبرشپ به متاثر ٿي سگهي ٿي

ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ ف کي 23 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون هيون

قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي 15 اضافي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، 14 عورتن جي مخصوص سيٽن ۽ اقليتن لاءِ هڪ اضافي مخصوص سيٽ ن ليگ کي ڏني وئي

قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي کي 5 اضافي سيٽون ڏنيون ويون، قومي اسيمبلي ۾ پ پ کي 2 عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽون ڏنيون ويون

ان کان علاوه جي يو آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ 3 اضافي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون ويون. جي يو آءِ کي عورتن لاءِ 2 اضافي سيٽون، 1 اقليتي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون ويون