ضرورت آهي ‘ڪميشن’ کان پاڪ ۽ صاف سماج جي!

0
23
ضرورت آهي ‘ڪميشن’ کان پاڪ ۽ صاف سماج جي!

هڪ خيال يا راءِ موجب ته هن ملڪ کي جيترو نقصان پڙهيل لکيل ۽ خاص طور تي ڪميشن پاس آفيسرن پهچايو آهي، ايترو نقصان اڻ پڙهيل خلق ڪونه پهچايو آهي. اِن جو سبب شايد هي آهي ته پڙهيل لکيل ماڻهوءَ ۾ اڻ پڙهيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ حساب ڪتاب خاص طور تي هيرا ڦيري ڪرڻ جو هنر وڌيڪ آهي. ڇو ته انهن مان اڪثر جڏهن رشوتن عيوض ڪميشن پاس ڪري تعلقي، ضلعي يا ٽائون سطح جي انتظاميا ۾ اچن ٿا ته پهرين ٻنهي هٿن سان ادارن جا فنڊ هڙپ ڪن ٿا. ٻئي نمبر تي معيشت جو ڏيوالو اڪثر سياستدان ڪڍن ٿا، جيڪي وزارتون وٺي پنهنجي نا اهل مَن پسند ماڻهن ۽ مائٽن کي نوڪريون ڏين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معيشت ويهي وڃي ٿي ۽ في فرد آمدني گهٽجي وڃي ٿي. عام استعمال جون شيون مهانگيون ٿين ٿيون. عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. ٽئڪس تي ٽئڪس مڙهي ماڻهن کي بُکن ۽ فاقن جي اوڙاھ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. مگر اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ وارن جي ڪن تي جُونءَ به نٿي چُري. ڇو ته انهن کي هر شيءِ مفت ۾ ملي ٿي، پوءِ انهن سياستدانن، سرمائيدارن ۽ ڪامورن کي ڪهڙي پرواھ؟ جن جي بجلي، رهائش ۽ گئس تائين سڀ ڪجھ مفت هوندو آهي. هُو ته بنا ڪنهن ڊَپ ڊاءُ جي ملڪي وسيلا ۽ ذريعا ڀُڳڙن مُٺ عيوض وڪرو ڪن ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وٺي قانون ساز ادارن تائين سڀ انهن جي سهولتڪاري ڪن ٿا. هڪ ملڪ ۾ ٻه ملڪ آهن، هڪ غريبن جو ۽ ٻيو اميرن جو. هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون آهن. غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ جدا ته مٿئين طبقي لاءِ ڌار. امير طبقي جي ئي فائدي ۾ قانون ٺهن ٿا ۽ انهن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ قانون تبديل ڪيا وڃن ٿا. اهو ملڪ جو مراعات يافته طبقو آهي. باقي بجلي، گئس، تيل ۽ ٻيون بنيادي ضروري شيون عوام جو “تيل ڪڍي” پوريون ڪيون وڃن ٿيون. ملڪ جي وَهنوار جو سڄو وزن ڏهاڙيدار يا ننڍي نوڪري ڪندڙ محدود آمدني رکندڙ طبقي تي وڌو وڃي ٿو. “مامي جي گهر ۾ مزمان، پاڻ کي لهر نه لوڏو”.

ملڪ جو حال اهو آهي جو هر ايندڙ ڏينهن تي عام واهپي جي شين کي مهانگو ڪري مسڪين ماڻهن تي مهانگائي جو بم ڪيرايو وڃي ٿو ۽ هن ملڪ جا حڪمران روم جي شهنشاھ نيرو وارو ڪردار ادا پيا ڪن. (جڏهن روم سڙي رهيو هو ته نيرو بي پرواھ ٿي بانسري وڄائي رهيو هو، ڇو ته اهو ان جو شوق هو!) عام ماڻهو ۽ سندن ٻار، اَٽي، اَجهي ۽ لَٽي لاءِ ڀلي رڙندا رهن، بيمارين وگهي مرندا رهن پر حڪمران پنهنجي عياشين جي دنيا مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هتي عوام ۽ حڪمرانن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، سوارين ۽ لباس مان ئي هڪ ملڪ ۾ ٻِن ملڪن جو اندازو ڪرڻ ڪا ايڏي مُشڪل ڳالھ ناهي. هتي امير طبقي کي عام ماڻهوءَ جي مالي ۽ سماجي حالتن جو ڪو ادراڪ ڪونهي. ڀلي عام ماڻهو يا سندن معصوم ٻار ماني ڳڀي يا سٺي ضحت ۽ تعليم لاءِ رڙيون ڪري مري کپي وڃن، سندن سڏ ورنائڻ وارو ڪير به ناهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا رياست ائين هوندي آهي؟ جو عام ماڻهوءَ جو ساھ نڙيءَ ۾ اٽڪيل هجي ۽ خاص ماڻهن کي پارٽين مان واندڪائي نه ملي….! اهو ظلم ۽ بي حسي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جَبر ۽ استحصال ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڀلا جيڪو هوائن ۾ اڏامي رهيو آهي، ان کي زمين تي رهندڙن جي حالتِ زار جي ڪهڙي خبر؟ “ميرا ليڊر تو جهازون مين سفر ڪرتا هي” جي ڳالھ وانگي ان کي زمين تي اُڏامندڙ ڌوڙ جي ڪهڙي خبر! ان کي زمين جي بيرحم موسمن جي ڪهڙي خبر؟ ان کي زمين تي رِڙهندڙ مخلوق جي ڇا خبر؟ اُن کي زمين تي وَهندڙ قبيلائي ريٽي رَت جي ڪهڙي خبر؟

هڪ سروي مطابق هي ملڪ رِشوت ۽ اقربا پروري ۾ 160 هين نمبر تي آهي مگر مذهبي عبادتن ۾ پهرين نمبر تي آهي. ڪيڏو نه تضاد آهي هتان جي ماڻهن جي سماجي زندگي ۽ ايمانداري وچ ۾! اهو سوال جي ڪنهن کان پڇو ته چوندو، ڏوھ پنهنجي جاءِ تي ۽ ثواب پنهنجي جاءِ تي قيامت ۾ توريا ويندا. هتي جنهن کي ڏس، اهو عُهدي ۽ ڪرسي جي ڪوشش ۾ قطار ۾ لڳل آهي. ڀلا جيڪو لکين رُپيا ڀري ڪو عهدو وٺي ٿو ته ڇا اهو سيٽ تي اچي کير ۽ ماکيءَ جون نديون وَهائيندو يا خير خيراتون ڪندو. هاڻ اهڙا عبدالستار ايڌي مري ويا آهن، جيڪي بنا ڪنهن ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهب جي تهمتون سر تي جهلي فلاحي ڪم ڪندا هئا. هاڻ ته سيٽن جا به  اَگھ/ريٽ مقرر ٿيل آهن. زندگي ڀر ماڻهن کي ايذائيندڙ راشي ڪامورو رٽائرڊ ٿي حج ڪندو ۽ پوءِ تبليغ تي هليو ويندو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هتي ڪرپٽ، راشي ڪامورو هجي يا سياستدان- اُهو يا ته پنهنجا نوازي ۾ پورو ملندو يا پنهنجي مخالفن کي ٽانڊا ڏيڻ ۾ نوڪري جا ڏينهن گذاريندو. هتي هر محڪمي جي ڪاموري کي جڏهن عهدو هٿ لڳندو آهي ته پهرين پنهنجي تشهير ڪرائيندو آهي، پوءِ لابي ٺاهيندو آهي، جنهن ۾ سڀ سندس همخيال هوندا آهن. جيئن اُهي هر جاءِ تي سندس نمائندگي ڪن. مطلب کيس مَهان ڪري پيش ڪن. هن ملڪ جي سڄي تاريخ اهڙي ٻٽي نظام تي  بِيٺل آهي. تُنهنجو ملڪ الڳ. منهنجو ملڪ الڳ.