سون1800رپيا سستو: ڊالر سوا 281 تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: 120 ارب ٻڏي ويا

0
147
سون1800رپيا سستو: ڊالر سوا 281 تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: 120 ارب ٻڏي ويا
سون1800رپيا سستو: ڊالر سوا 281 تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: 120 ارب ٻڏي ويا

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون1800رپيا سستو: ڊالر 281.25 رپين تي پهتو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي برقرار: سيڙپڪارن جا وڌيڪ 120 ارب رپيا ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1800 رپيا لاٿ سان 230100 مان 228300 رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالرن جي لاٿ سان 2179 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2600 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر 75 پئسا لاٿ سان 282 مان 281.25 ۽ انٽر بينڪ ۾ 29 پئسا لاٿ سان 278.79 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ50 پئسا واڌ سان 358 مان 358.5 ۽ يورو 2 رپيا لاٿ سان 308 مان 306 رپين تي پهتا هئا

هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ   ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي جوشڪار رهي، 100 انڊيڪس 753 پوائنٽن جي لاٿ سان 64048 پوائنٽن تي بند ٿي، جڏهن ته 1186 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي

ڪالهه 9 ارب 24 ڪروڙ رپين جا 25 ڪروڙ 27 لک شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 120 ارب جي لاٿ سان 9107 ارب تي پهتي