لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ تيز طوفان سان گڏ برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي تيار بمپر فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. آبادگارن ميهر سولنگي، شيرل لانڊر، ۽ جاويد احمد جمالي “روزاني پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تيز برسات سبب ڪڻڪ جو فصل ڪِرڻ ڪري ڪڻڪ جو داڻو مارجي سنهو جِيرو بڻجي ويندو جنهن ڪري ڪڻڪ جي اُپت اُها ڪو نه لهندي ڪڻڪ تي ڊي اي پي يوريا ڀاڻ ٻج ۽ زرعي دوائن جو وڏو خرچ ڪيل آهي اُپت نه اچڻ سبب لکين رپين جي نقصان جو خدشو آهي حڪومت طرفان آبادگارن لاءِ ڪو به پيڪيج ڪو نه آهي قرضي بڻجي ويندا سين هنن حڪومت کان گُھر ڪئي آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي ۽ آبادگارن لاءِ ڪو پيڪيج ڏنو وڃي جئين وڏي نقصان کان بچي سگهون.