پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

0
27
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽر) فيض محمد ٻنڊو ۾ ڀنگر برداري جي هٿياربندن جو ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو تي حملو، ٻه سڳا سئوٽ قتل ٿي ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته ڀنگر برادري حملو ڪيو جنهن ۾ نوجوان عبدالشڪور ڄامڙو ۽ ثناءُ الله ڄامڙو قتل ٿي ويا

ڄامڙا برادري جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ اسان جون سولر پليٽون چوري ٿيو هيون پوليس اياز ڀنگر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ اڄ اسان مٿان حملو  ڪيو ويو آهي

مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس جي ان ڪارروائي سان اسان جو تعلق نه هو راجا ڀنگر حملو ڪري اسان جا نوجوان قتل ڪيا آهن

مقتولن جي وارثن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي