راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) صوفين جي سرتاج هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو 203 هون  عرس ۾ باقي 10 ڏينهن، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو، برساتن سبب روضو  زبون حال، درگاهه ۾ ڏار پئجي ويا، مينار روضي کان ڌار ٿي ويا، سچل باغ، نمائش گرائونڊ، ريسٽ هائوس، اسپتال، اسڪول ۽ مسافر خاني جو ڪم رولڙي جو شڪار، اوقاف کاتو اگھور ننڊ ستل، تفصيل موجب صوفين جي سرتاج هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو 203 هون عرس ۾ باقي 10 بچيا جڏهن ته هن وقت تائين ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، گذريل برساتن سبب سچل سائين جو روضو  زبون حال ٿي ويو آھي، درگاھ سان جڙيل مينار ان کان الڳ ٿي ويا آھن، ڪاشي جون سرون ڀري ڪري رهيون آھن، ترقياتي اسڪيمون، سچل باغ، نمائش گرائونڊ، ريسٽ هائوس، اسپتال، اسڪول، مسافر خانو جو ڪم پڻ رولڙي جو شڪار آهي، ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري گم ٿي ويو، جڏهن ته سچل سرمست روڊ پڻ هنڌان هنڌان آکڙي ويو آھي، سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته درگاهه ج آمدني کڻندڙ اوقاف کاتي کي روضي سميت مينارن جو ڪم ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.

اوقاف کاتو گم آهي، درگاهه تي ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو: اديب

راڻيپور: دانشور ۽ محقق الطاف اثيم ۽ پروفيسر مختيار چنو ڳالهائيندي چيو ته سچل سرمست درگاهه جي ٻيهر تعمير لاءِ ڪيتريون ئي بيٺڪون ٿيون آھن، احتجاج ٿيا آھن ته روضي کي ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي پر ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، هنن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ واعدو ڪيو هو ته سچل جي روضي کي ٻيهر تعمير ڪرايو ويندو پر ان تي عمل نه ٿيو، اهو ڪم اوقاف کاتي جو آھي پر اهي به گم آھن، سچل سرمست جو روضو ٻيھر ماهرن جي نگراني ۾  تعمير ڪرايو وڃي، ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو.

 

درگاهه سچل جي ڪري درازا کي ماڊل ٽائون بڻايو وڃي: مخيار ملڪ

راڻيپور: سچل يادگار ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري مختيار ملڪ چيو ته سچل سرمست جي درگاهه جي ڪري درازا شريف کي ماڊل ٽائون بڻايو وڃي، درگاھ تي جيڪي به بنيادي مسئلا آھن انھن کي فوري حل ڪيو وڃي، اسان آرڪيالوجي ۽ اوقاف کاتي کي پڻ لکيو آھي، هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ سليم راجپوت هڪ پلان جوڙيو هو، جنهن لاءِ هوم ورڪ پڻ ڪيو، ان تي عمل ڪيو وڃي جيئن درازا ماڊل ٽائون بڻجي سگهي، مخيار ملڪ موجب اسان سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين سيد فواد شاهه سان گڏجي وزٽ پڻ ڪئي، جيڪي چٽسالي واريون سرون ڪري پيون آھي انھن کي فورن هڻي بهتر ڪيو وڃي، برساتن سبب درگاھ زبون حال ٿي ويو آھي، ان جي ٻيهر تعمير لازمي آھي.

 

روضو ختم ٿي چڪو، سرڪار سانحي جو انتظار پئي ڪري: گادي نشين

راڻيپور: درگاهه حضرت سچل سرمست جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهه جو روضو برساتن سبب ختم ٿي چڪو آھي، حڪومت شايد وڏي سانحي جو انتظار ڪري رھي آھي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڌيان نه ڏيڻ ۽ سچل يادگار ڪاميٽي جي لاپرواھي سبب درگاهه مختلف مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي، هن ٻڌايو ته روضي جا مينار درگاھ کان الڳ ٿي ويا آھن، پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، هن چيو ته درگاھ سچل سرمست زبون ٿي چڪو آھي، ڪنھن به وقت وڏي حادثي جو خطرو رھي ٿو، اوقاف کاتي وارا نئين سر تعمير نٿا ڪرائن ته اسان جي حوالي ڪن، اسان روضي کي ٻيهر تعمير ڪرائينداسين، اوقاف کاتو هڪ نالي ماتر ادارو آهي، جنهن جو ڪم رڳو درگاهن تان پيٽين مان ميڙڻ آھي، هن چيو ته سچل يادگار ڪاميٽي نالي ماتر آهي، جيڪا رڳو فنڊ هڙپ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جيڪڏهن عرس کان علاوهه سچل يادگار ڪاميٽي جو ڪو به ڪم ناهي ته پورءِ ان جي هجڻ جو ڪهڙو جواز آهي، سچل سرمست درگاھ  جي لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ صوفي يونيورسٽي سميت ريسٽ هائوس، اسٽيڊيم، اسپتال ۽ زائرين لاءِ خاص طور تي پاڻي ۽ رهائش ڪوارٽرز جي سهولت شامل هئي پر ان کي مراد علي شاهه نظرانداز ڪري ڇڏيو.