چـوٽياريون_ڊيم ۽ بقار ڍنڍ، سانگهڙ … جاويد حالتي

0
30
چـوٽياريون_ڊيم ۽ بقار ڍنڍ، سانگهڙ ... جاويد حالتي

 اچو ته پنھنجي شھرن جي سونھن کي نروار ڪريون .  چوٽياريون  ڊيم  قدرتي حسن سان مالامال خزانو آهي. اترين علائقن سان گڏ پنهنجي سنڌ جي فطرت جا پيارا نظارا به ڏسو . سنڌ جون پڪنڪ پوائنٽس 💐 بقار ڍنڍـ Bakkar Lake

                         بقار جيڪا چوٽياري ڊيم ‚ مکي ۽ اڇڙي ٿر جو سنگم  آھي ۽ سانگھڙ شھر کان 24 ڪلوميٽر  جي فاصلي تي آھي بقول اتان جي رھواسين جي ته ھي ڍنڍ 150 اسڪوائر ڪلوميٽر تي آھي ھن ڍنڍ تي ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن جن تي ڪجھه مڇي ماريندڙ ملاحن جا گھر آھن ته ڪجھه وري خالي پيل جيڪي 10 ڪلو ميٽر تي به ڪجهه ٻيٽ موجود آهن ( مطلب اتي به هزارين ملاح  مستقل رھندڙ آهن ) جن تي مال جو چارو ۽ اتي ڍنڍ جا پکي آڙيون نيرڳي عربي دگوش ٿوراندو ۽ ٻيا مختلف قسمن جا پکي ۽ جانور رھندا آھن،

                         بقار ڍنڍ قدرت جي نعمتن سان مالا مال آھي ھن ڍنڍ جا حسين نظارا من کي موھي وجھندا آھن زيرو پوائنٽ کان 10 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي پراڻي زماني جا گھر ۽ ماڙيون به ٺھيل جن کي اسان جا ملاح جوڻيجن جون ماڙيون ڪري ڪوٺيندا آھن،

بقار ڍنڍ سان ھزارين ماڻھن جو روزگار جڙيل آھي جتان روزانو  مختلف قسمن جي مڇي جھڙوڪ ڪرڙو،

موراخو،چٽو،سينگاري،ٿيري،پاپليٽ ۽ ٻيا سوين مڇين جا قسم سوين مڻن جي مقدار ۾  نڪرندي آھي،

بقار ڊيم چوٽياري  تي محمد بقار فش پوائنٽ تي 32 قسم جي مڇي تيار ڪئي ويندي آهي  جتي گھمڻ ايندڙن  لاءِمڇي مان مختلف قسمن جا طعام تيار ڪيا ويندا آھن،

پڪل مڇي ( ڪوڪ مڇي)،مڇي جو حلوو،دم پڪ مڇي،مڇي سجي،مڇي پلاءُ، ايراني پاپليٽ،مڇي جي ڪڙھائي مچي جا ڪوفتا مڇي جا ڪباب مڇي باريو بيڪ مڇي جا ڪجهه اهڙا ائٽم آهن جيڪو زمين ۾ اندر پچندا آهن  ۽ ٻيا کوڙ سارا  مڇي مان ٺھيل کاڌا اتي مختلف قسمن جا  تيار ٿيل ملندا آھن.

بلڪ ڍنڍ جو پکي آڙي پڻ  اوھان کي اتي سونهن ۽ ڏسڻ لاءِ ملندو، شھرن ۾ اوھان مختلف ٽيسٽي کاڌا بلڪل کاڌا ھوندا پر ھتان جي ٺھيل کاڌن جو ذائقو ئي ٻيو آھي، اتي جو پڪنيڪ پوائنٽ جو انچارج    عبدالستار ريسڪيو سياحن  کي گائيڊ ڪندو آهي ۽ پوري ڊيم جي معلومات ڏيندو آهي  محمد بقار فش پوائنٽ تي  زبرست کاڌا تيار ٿي ملندا آهن    (عبدالستار ريسڪيو جي ) ٽيم   40 کان وڌيڪ ماڻھن تي ريسڪيو ٽيم ٺھيل آھي جيڪا ميرپور ڊويزن ۽ حيدرآباد تائين ٻڏي ويل ماڻھن کي ريسڪيو ڪندي آھي پر خاص ڳالھه اھا آھي ته اھو ڪم بلڪل بنا معاوضي ڪندا آھن،

 سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي سياحتي ماڳن جي مالڪي ڪري ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي مالڪي ڪري ۽ بنيادي سھولتون مھيا ڪري…. (فيس بوڪ تان ورتل)