فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام بند ٿيڻ گهرجي!

 

ڪنهن جي قوميت، مذھب يا عقيدي سان ڪنهن جو ڪوئي تعلق نه ھوندو آھي، مذھب ۽ عقيدو رکڻ يا نه رکڻ ھر انسان جو ذاتي مسئلو به آھي ته سندس انساني ۽ اخلاقي حق به آھي. ھر ڳالهه ۾ انسان آزاد آھي ۽ آزاد ھجڻ به گهرجي ڇو ته آزادي انسان جو بنيادي حق آھي جنهن جي ذريعي ھو پنهنجي خوابن جي ساڀيا ڪندو آھي. ھن وقت فلسطين جون حالتون دنيا اڳيان آھن، جتي وحشياڻو ظلم ۽ ستم پنهنجي اوج تي آھي. جٿي قتل و غارت پنهنجي مذھبي رسم سمجهي ادا ڪئي وڃي ٿي. جٿي معصوم ٻارن، بيوس عورتن ۽ پوڙھن کي بم ۽ ميزائيلن جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو ۽ دنيا خاموش تماشائي بڻجي ھن قتل عام مان لطف اندوز ٿي رھي آھي. پاڻ مملڪت خداد پاڪستان جا رھواسين ته ايترا نچوڙيل آھيون جو پاڻ ۾ ايترو ساھ ناھي جو فلسطين ۾ اھڙي ظلم خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون پر فلسطين جي چوطرف آزاد ۽ ترقي يافتا عرب رياستن جي اھڙي تاريخي ظلم خلاف تاريخي خاموشي سندن انسان ھئڻ تي سواليه نشان بڻيل آھي. عرب ھن وقت ايتري ته ترقي ڪري چڪا آھن جو ھو چاھين ته فلسطين ۾ ٿيندڙ قتل عام کي بنا ڪنهن دير جي روڪي سگهن ٿا پر خبر ناھي ته سندن اھڙي گھري خاموشي پٺيان ھنن جا ڪھڙا مقصد آھن؟ عربن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته عرب بھادر ھئا، ويڙھا ھئا، نسل پرست ھئا، انهن جي ويڙھن جو ھي عالم ھوندو ھو ته جو ھڪ قبيلي جو فرد ٻي قبيلي جي فرد کي صرف گار ڏئي وجھندو ھو ته ٻنھي قبيلن جي وچ ۾ خوني جنگيون شروع ٿي وينديون ھيون، جيڪي سالن تائين پيون ھلنديون ھيون پر ھن وقت جڏهن سندن ٻار ڪسجن ٿا، عورتون مارجن ٿيون، نوجوان ۽ پوڙھا ساڙيا وڃن ٿا، وستين جون وستيون تباھ ڪيون وڃن ٿيون. کاڌي پيتي جو ڏڪار کر کنيون بيٺو آھي پر ھنن جي مٿي ۾ جونءِ به نٿي سُري! ڪنهن حد تائين فلسطين جي موجوده صورتحال ايران ۽ حماس جي گڏيل ھٺ درمي جو نتيجو چئي سگهجي ٿي. اھو ان ڪري جو جڏھن ٻنهي ملڪن ۾ صورت حال معمول مطابق ھئي ته اسرائيل تي حملو ڪري چوچڙي ڏئي حالتون ان حد تائين پھچائڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ھن وقت ايران ته سڪون ۾ آھي پر فلسطين ۾ ھڪ ڪربلا برپا آھي، جنهن کي ڏسڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناھي، جيڪڏهن ايران اھو سوچي اسرائيل تي حملو ڪيو ھو ته سندس عرب رياستيون ساٿاري ٿينديون ته گڏوگڏ ايران کي اھو به سمجهڻ گهرجي ھا ته جيڪي رياستون ڇاھتر سالن ۾ فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪڏھن اڳيان نه آيون ته اھي ايڏي وڏي قدم کڻڻ لاءِ اڳتي ڪيئن اينديون؟

 

ياسر سانڊاڻو/ٻيڙو چانڊيو

 

ڇا انگريز دور بعد سنڌ ترقي ڪئي آهي؟

 

اسان سنڌ جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته سنڌ صوبو بمبئي ۾ گڏ ھو ۽ 1935ع جي ايڪٽ تحت سنڌ 1936ع ۾ جدا ٿيو، ان کان اڳ ۽ پوءِ 1955ع تائين سنڌ صوبي امير ترين خطو رھيو آھي. منھنجي لکڻ جو مقصد اھو ھرگز نه  آھي ته وري انگريزن جي حڪومت ھجي يا مان ان جي حمايت نٿو ڪريان پر موجوده سنڌ ۽ اڳ جي ترقياتي ڪمن تي نظر وجھنداسين ته انگريز جيڪي ترقياتي ڪم ڪري ويا آھي اڄ به سئو سال گذرڻ باوجودہ نمايان ترقياتي ڪم نظر ايندا، جنھن جو مثال سکر بئراج جي تعمير ۽ پليون موجود آھن، انگريزن  دور ۾ ملڪ ۾ به اھم ڪم ٿيا، ٻيا به ڪم بھتر ھئا، ھڪ ڪم آبپاشي نظام Irrigation system آندو ويو ۽ ٻيو ريلوي نظام، ھي ٻئي نظام معشيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. آزادي کان پوءِ گذريل 78 سالن کان پوءِ اڄ ڏينھن تائين اسان ھنن ٻنھي کاتن تي نظر وجھنداسين ته ڇا جيڪي به حڪومتون آيون آھن انھن حڪومتن ھنن ٻنھي کاتن ۾ ڪيتري بھتري آندي آھي يا انھن کي تباھ ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آھي، آبپاشي نظام معنيٰ نھري پاڻي جنھن تي توھان جي زراعت دارومدار  رکي ٿي ۽ ان سان گڏ ماڻھو پاڻي پيئن ٿا، واھن ۽ درياهن جا ڪنارا ڪيترا مضبوط آھن، ڇا انھن واھن جي ڪپن ڪنارن سان اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ وڻ ڪيترا موجود آھن،. اڳ واھن جي ڪنارن تي بيلدار پاڻي جو ڇڻڪار ڪندا ھئا ڇا اڄ بيلدار ڪم ڪن ٿا؟ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ حڪومتن ڪيترا نوان واھ ڪڍيا آھن؟ اچو ته ريلوي جو نظام ڏسون ته اڳ جي ڀيٽ اڄ ريلوي جون پٽڙين جو حال ڇا آھي؟ ريلن جا ڪيترا نه حادثا ٿيندا رھن ٿا، اسان وٽ ريلوي جو پراڻو نظام آھي، جنھن کي اسان بھتر ڪري نه سگھيا آھيون پر جاپان، ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ريلوي ۾ ڪيتري  ترقيءَ ڪئي آھي. اسان پنھنجي پاڙيسري ملڪن کي ڏسون ته انھن پنھنجي معاشيات کي بھتر ڪرڻ ۽ مستحق رکڻ لاءِ نيون راھون  پيدا ڪيون آھن، اسان جديد دور ۾ ڪٿي بيٺا آھيون ۽ دنيا ملڪ ڪٿي بيٺا آھن، سنڌ پھريائين ڪيتري خوشحال ھئي ۽ اڄ سنڌ خوشحال ھجڻ جي بعد ڪنگال ڇو آھي؟ سنڌ ۾ جيڪي پھريائين ڪارخانا ھئا ۽ واپار ھو اڄ ڪيترا ڪارخانا بند آھن، ڪيترا مثالي ڳوٺ آھن، سنڌ صوبي ۾ سرڪاري سطح تي مثالي تعليمي ادارا موجود آھن ۽ ڪيتريون سرڪاري سطح تي اسپتالون آھن جنھنجو مثال ڏئي سگھجي، ڏينھن به ڏينھن آبادي ويندي ٿي وڃي، آبادي کي نظر ۾ رکندي صحت جا سھولتون ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ اثاثن جي مالڪي ڪئي وڃي سنڌ ۾ زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي، زرعي قرض بنا وياج ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي ڏنا وڃن. روزگار جو موقعا پيدا ڪيا وڃن. سنڌ جي ھر ننڍي يا وڏي شھر م سرڪاري سطح تي ڪاروباري مرڪز کوليا وڃن، سنڌ ۽ پنجاب جي ٻج ڀاڻ جي اگھ ۾ فرق نه ھجڻ گھرجي، پنجاب ۾ يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 2800 رپيا ملي ٿي، اھا سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ 5200 سئو رپيا ملي ٿي، ايئن ڊي اي پي ڀاڻ ۾ ريٽ ۾ وڏي پئماني تي فرق آھي، پنجاب جي ملازمن ۽ سنڌ جي ملازمن جي پگھارن ۾ فرق آھي. پگھارن ۽ مراعتن ۾ فرق نه ھجڻ گھرجي، يوٽيلٽي الائونس سنڌ سيڪٽريٽ جي ملازمن کي ملي ٿو پر سنڌ جي ٻين ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس نٿو ملي. سڀني ملازمن کي ھڪ جھڙيون سھولتون ڏنيون وڃن، آبپاشي نظام کي بھتر ڪيو وڃي ان سان گڏ ريلوي نظام ناڪاره ٿي چڪو آھي ان کي بھتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي، گاڏين جي ڀاڙا چوٽ چڙھي ويا آھن. مھانگائيءَ ۾ ماڻھو پريشان آھن مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي، جيئن ڀلا پھريائين سنڌ ھئي جيئن پھريان ترقياتي ڪم ھئا ھاڻي اھڙا ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، پنھنجي اثاثن جي مالڪي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻھن جي چھرن جون مرڪون واپس وري سگھن ۽ خوشيون واپس وري سگھن.

 

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻيهر بدامني جا پاڇا!

 

ضلعي گهوٽڪي سنڌ جو واحد ضلعو آهي، جتي بدامني ڏينهون ڏينهن عروج تي آهي، ان جا ٻه ڪارڻ آهن، پهريون ڪارڻ ته ضلعي جي پوليس جي نااهلي ۽ ٻيون ڪارڻ عوام جي خاموشي. هن ٻن ڪارڻ سبب ضلعي اندر بدامني پکيڙجي رهي آهي. ضلعي گهوٽڪي ۾ قتل عام ٿي رهيا آهن، چوريون ڦرون ڌارا، هر انسان پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهي، تازوئي ضلعي گهوٽڪي جي علائقي سرحد نيشنل هاءِ وي تي ڌاڙيلن پاران ڪاهه ڪري مسافرن هٿيارن جي زور تي مارڪٽ بعد انهن کان قيمتي سامان ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، علائقي واسين موجب ته ڌاڙيلن راڪيٽ لانچر ۽ فائرنگ ڪري ڪجهه ماڻهن کي زخمي ته ڪجهه ماڻهن کي اغوا ڪري ويا آهن. ضلعي گھوٽڪي جي رائونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ ۽ اينٽي ٽينڪ سميت ٻيا خطرناڪ جديد ڳرا ھٿيار آھن، جن جو ھو مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي نما به ڪندا رھن ٿا، اھڙن ڳرن ھٿيارن جي ڌاڙيلن وٽ موجودگي جي تصديق ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران به ڪئي آھي ۽ سندس چوڻ آھي ته ڌاڙيلن جي مقابلي ۾ پوليس وٽ ھٿيار بلڪل گھٽ آھن، جن ذريعي ڌاڙيلن جو مقابلو ڪري نٿو سگهجي، تنهن ڪري حڪومت کي گھرجي ته ھو پوليس کي جديد ۽ ڳرا ھٿيار فراھم ڪري! ايس ايس پي جون سڀ ڳالھيون پنهنجي جاءِ تي درست آھن پر جيڪڏهن پوليس وٽ ڌاڙيلن سان مقابلي جھڙا ھٿيار ناھن ته پوءِ بار بار کين ڌاڙيلن جي منهن ۾ ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ ان معاملي تي پوليس جي اعليٰ اختيارين کي ڪجهه سوچڻ گھرجي، ايس ايس پي گھوٽڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪانفرنس دوران ڪيل انڪشافن  سميت سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ھڪ ڳالهه سڀني کي پريشان ڪري ٿي ته اھڙا ڳرا ۽ خطرناڪ جديد ھٿيار ڪچي ۾ پھچائي ڪير ٿو؟ اھو ھڪ وڏو سوال آھي؟ جنهن جي جواب لاءِ پوليس سميت امن امان قائم ڪرڻ جي ذميوار ادارن کي ان جو پتو لڳائي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي نه ته اهي اسان لاءِ اڃا وڌيڪ خطرناڪ پڻجي سگهن ٿا.

 

سنڌي علي گل شيخ/ اوٻاوڙو

 

ذوالفقار ڀٽو جو ڏوهٽو بلاول ڀٽو لاءِ مشعل راهه!

 

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ايندڙ چونڊن ۾ وزيراعظم ٿيڻ ۽ وارو وٺڻ لاءِ تياري ڪري ويٺو آهي، جنهن پنهنجي والد آصف زرداري کي صدر پاڪستان جي عهدي تي آڻي پاڻ کي ايندڙ ڇونڊن تائين محفوظ ڪيو آهي، بلاول ڀٽو ان ماءُ جو پٽ آهي جنهن جا والدين ملڪ جا ٻه ڀيرا اعليٰ عهدا ماڻي حڪمران بڻجي ملڪ جي خدمت ڪري ويٺا آهن، ياد رهي ته بلاول ڀٽو جي امڙ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي ۽ هاڻي ان جو والد آصف علي زرداري ملڪ جو ٻيون ڀيرو صدر بڻجي چڪو آهي، هن وقت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سياست وڏي مهارت دانشمندي ۽ ملڪ جي سموري عوام لاءِ هڪ مسيحا واري سياست نظر اچي رهي آهي، جيڪا وقت تي اڃا بهتر اثرائتي ۽ ثابت قدم رهندي جنهن جا ثمر ضرور هڪ ڏينهن بلاول ڀٽو کي هن ملڪ جي وزيراعظم واري منصب تي اچي پهچائيندا، جي ڳالهه ڪجي صوبي جي گادي واري هنڌ ڪراچي شهر جي جتي ميئر ته پ پ جو جيالو آهي پر اتي اڪثريتي عوام جي وسيع حمايت کيس حاصل ناهي، ڪراچي 1972 کان لساني جهيڙن بعد پ پ لاءِ پ پ مخالف شهر شمار رهيو آهي جنهن جي نمائندگي 1987 کان ايم ڪيو ايم ڪندي رهي آهي، جنهن هن ڀيري ڪراچي ۽ حيدرآباد انهن ٻنهي شهرن کان قومي اسيمبلي جون 19 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 28 سيٽون حاصل ڪيون آهن، بلاول ڀٽو ۽ ان جا حامي جنهن جادو کي ٽوڙڻ چاهن ٿا ۽ ڪراچي ۾ چونڊن بعد مختلف علائقن ۾ بينرز وغيره هنيا ويا آهن، جن تي مهاجرن جو مسيحا بلاول ڀٽو جهڙا نعرا تحرير آهن، جنهن نعري واري بينرن کي ڏسي ڪراچي جا شهري حيرت ڪري ويٺا ۽ ڪيترائي ان انڪوائري ۾ مصروف ٿيا ته اهي بينر آخر ڇو هنيا ويا جنهن جو اهو ئي مقصد ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ 1947ع کان بعد آباد مهاجرن سان گڏ خوشگوار تعلقات قائم ڪيا وڃن، جيڪي ڳالهيون آئيندا انهن شهرن ڪراچي حيدرآباد مان مينڊيٽ حاصل ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿين، 1972 جي لساني هنگامن سان سنڌ جي شهري علائقن ۽ پ پ وچ ۾ فاصلا پيدا ٿيا هئا، بلاول ڀٽو هر قسم جا فاصلا مٽائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پ پ باني ذوالفقار ڀٽو به لساني هنگامن جهيڙن بعد زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ذوالفقار ڀٽو جن فسادن تي جولاءِ 1972 ۾ گورنر هائوس ڪراچي کان ريڊيو ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو هو ته ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسان اردو ڳالهائڻ وارن جي خلاف آهيون اسان جا اردو ڳالهائڻ وارن سان گهرا رشتا آهن، اردو قومي زبان ۽ قومي ثقافت جي ترجمان آهي اردو ڳالهائڻ وارا هن ملڪ جو سرمايو آهن، انهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردا ادا ڪيو، انهن جي جدوجهد ۽ قربانين کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي جيڪي سنڌ ۾ نوان سنڌي ۽ پاڪستاني آهن اسان سڀ پاڻ ۾ هڪ آهيون، لساني نفرتون زهر آهن جيڪا ڳالهه ۽ صورتحال سازش تحت پيدا ڪئي وئي آهي. ڀٽو صاحب جا جيڪي تاريخي لفظ ۽ خيال اڄ به سندس سياسي تاريخ ۾ رقم آهن جيڪي ان جي ڏوهٽي بلاول ڀٽو لاءِ مشعل راهه به آهن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

قائد عوام کي 44 سالن بعد مليل عدالتي انصاف!‎

 

6 مارچ تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 13 سال اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل خلاف سپريم ڪورٽ کي راءِ ڏيڻ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ايٽم بم ۽ 1973ع جي آئين جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏنل ڦاهي جي فيصلي کي غلط قرار ڏيندي راءِ ڏني آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ ان وقت جي هاءِ ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي درست نه هئي، سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ جي ان فيصلي سان بظاهر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو يا سندس خاندان کي ڪو رليف ته ناهي مليو جو هو پاڻ ان غلط فيصلي جو شڪار ٿي ويو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر ان راءِ سان 44 سال اڳ عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عدالت ۾ به بيڏوهي ۽ سرخرو ٿي ويو آهي، جيڪو ڀٽو خاندان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، آصف علي زرداري، پ پ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان محبت ڪندڙن لاءِ سٺو سنئوڻ آهي پر اهو سوال ته ملڪ جي محبوب اڳواڻ سان ايڏي ويڌن ڇو ٿي ڇو کيس ملڪ ۽ ان جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام سان محبت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي ڇو عدالت هڪ ڊڪٽيٽر جي مرضي ۽ منشا تي عمل ڪندي هڪ ٻي ڏوهي شخص کي ڦاهي تي چاڙهڻ ۾ ساٿاري بڻي ۽ ڇا موجوده سپريم ڪورٽ جي هن راءِ سان مستقبل ۾ جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جو سلسلو بند ٿي ويندو؟ ڇا اڄ کان پوءِ ڪو عوامي محبوب اڳواڻ ڪنھن ڊڪٽيٽر ۽ پرڏيهي سازش جو شڪار نه ٿيندو؟ اهي تمام اهم سوال آهن، جمهوريت جي علمبردار  سمجهي ويندڙ ۽ جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي لاءِ لازوال قربانيون ڏئي جانيون قربان ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين کان امي ٿي ڪجي ته اهي جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا جي ايئن ٿي ويو ته پوءِ ڪو به سياسي اڳواڻ غير جمهوري استحصال جو شڪار نه ٿيندو ۽ عدالت سڳوري کان به اها اميد آهي ته اها نه رڳو ڪنهن غير جمهوري عمل جو حصو نه بڻجندي پر اھڙي غلط قدم جي ڀرپور مخالفت به ڪندي.

 

مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار

 

ڦوڳ وڻ جي موڪلاڻي ۽ مالودن جي پريشاني!

 

صدين کان ٿر جي سونھن بڻيل ڦوڳ جو وڻ جنھن کي ٿر جا رهواسي ڪيترن ئي پنھنجن فائدن سھولتن ۽ پنهنجي ڪمن ۾ آڻيندا هئا، سو ھاڻ پنھنجي پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، ٿر جا ماڻهو مال جي چاري لاءِ ڦوڳ کي استعمال ڪندا ھئا، رڍن ۽ ٻڪرين جو سيم ۽ مڙي ۾ خوراڪ ڦوڳ جو وڻ ھو، اٺ جي لاءِ ته ھڪ خاص خوراڪ طور ڦوڳ جو استعمال ٿيندو ھو، ڦوڳ وڻ جي ڪچي ٽارين جنھن کي ماروئڙا پنھنجي مارواڙي ٻوليءَ ۾ لاسوان چوندا آھن، تن کي اٺ جي چاري لاءِ جمع ڪري رکندا ھئا ۽ بھار جي موسم ۾ ڦوڳ وڻ جي ٻور کي ڀاڃي طور به ڪم آڻيندا هئا. عورتون ھن جي لاسوئن کي جمع ڪنديون ھيون ان کي وڪڻي پنهنجي پيٽ جو گذر ڪنديون هيون، ڦوڳ ايترو قيمتي ھو، توھان کي اھا ته خبر ھوندي ته ٿر جي ماڻھن جو گذر سفر مال تي آھي، ھن سان ملڪ جي گوشت جي ضرورت پوري ٿئي ٿي، ٿر جي باري ۾ ھڪ چوڻي به مشھور آھي ته، وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر، اھو بلڪل صحيح آھي، جڏھن ٿر ۾ برسات ٿيندي آھي تڏھن ٿر گلزار ٿي ويندو آهي، چوداري ساوڪ ئي ساوڪ ھوندي آھي، ھر طرف نت نوا ٻوٽا پيا اڀرندا آھن، صبح کان شام تائين ماحول ھڪ جھڙو رھندو آھي، برسات کان پوءِ وڻن ۽ زمين جي مھڪ به نرالي ھوندي آھي، چند ڏينهن لاءِ ٿر ھڪ باغيچي ۾ بدلجي ويندو آهي پر اڃا ٽي مھينا هي مالود ساھ کڻي سگھندا آھن ته مٿان وري اونھاري جي موسم ۾ ٿر وري ساڳي حال ۾ اچي ويندو آهي، تڏھن ٿر جي مالودن جو سھارو ٿيندو ھو اھو ڦوڳ جنھن کي رڍ ٻڪريون خوراڪ طور استعمال ڪنديون ھيون، ڦوڳ جي وڻ کي نه رڳو جانورن لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو پر بھار جي موسم ۾ ھن جي ٻور کي ماروئڙا پنھنجي خوراڪ طور به استعمال ڪندا ھئا. ڦوڳ جي ٻور کي ماروئڙا پنھنجي مارواڙي ٻوليءَ ۾ فوگيسي چوندا آھن، جنھن جو کاٽيو ته ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي جڏھن ته ماڻھو ھن کي ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن کان اھو ختم ٿيڻ شروع ٿيو، اڄ اھي ڏينهن اچي ويا آھن جو ڦوڳ ھڪ ناياب ٻوٽو ٿي ويو آهي، خدا جي قدرت ھاڻ ڦوڳ جا نوا ٻوٽا به وسڪاري جي مند ۾ نه ٿيندا آهن، توھان کان گذارش ڪندس ته سائي ڦوڳ کي نه وڍيو ۽ حڪومت کان گذارش ڪندس ته سائي ڦوڳ کي وڍڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

 

خالد ٿري/ لپلو،کوکراپار

معدنيات سان ڀريل عظيم سنڌ ڌرتي!

 

سنڌ جي سرزمين روايتي تعليم، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سان مالا مال سڄي دنيا ۾ اعليٰ سطح تي مشهور مهمان نواز قوم ۽ رياست بڻجي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به صدين کان جاري آهي ۽ اهو نظام تڏهن کان هلندو پيو اچي جڏهن واپاري ۽ صنعتي نقطه نظر سان 70 سيڪڙو آمدني سنڌ ڏيڻ باوجود به اڄ تائين غربت جو شڪار آهي. ماهرن موجب 5000 سال اڳ جي تاريخ کي بنيادي نظر پنهنجي تحقيق ڪري سڄي دنيا ۾ هن ڌرتيءَ کي متعارف ڪرايو ويندو آهي، جيڪو انٽرنيٽ جهڙين ويب سائيٽن تي پڌرو ۽ موجود آهي، گوگل، يوٽيوب ۽ هن وقت به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي ته هن قوم ۽ ڌرتيءَ هميشه هر ڪنهن سان ڀلائي ۽ هر ڪنهن اڳيان پنهنجائپ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ نه ڪڏهن وري ڪنهن لاءِ بغض ۽ منافقت واري سوچ استعمال ڪئي هجي. ايترين چڱاين باوجود به اڃا ڇو ۽ ڇاڪاڻ اڄ به سياسي ۽ بنيادي حقن جي حاصلات جي هجڻ باوجود به تمام گهڻين آزمائشن هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڇو سندڌي احساسِ محرومي جو شڪار آھن ان جو حوالو ڪجهه نظم هيٺ لکيو آھي، جنهن ۾ ڌرتيءَ سان قرب ونڊڻ جو پڻ هڪ طرح سان موقعو به مليو آھي: “منهنجي قلم جو سفر اڃان ڪنهن پڄاڻي تي پهتو نه آ، گواهه سنڌ جي سرزمين آھي ڪڏهن ته مون کي مرڻو به آ، اسان جي ڌرتي امن ڀائيچاري ۽ خوشحالي جي علامت آهي، انهن ئي ته خوبين جي ڪري هر جاءِ دنيا ۾ مثال موجود به آ.” هن بهادر ۽ بي خوف جنگي قوم ڪيترن ئي غاصب ۽ لٽ مار ڪندڙ فرعوني لشڪر کي شڪست ڏئي پنهنجي حيثيت کي هميشه جيان بحال ڪري ۽ پنهنجي جان و مال جي حفاظت ڪندي، ثابت قدم امن جي جستجو ۾ دنيا ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دنيا وارن کي پيار جو درس پڻ ڏنو آهي، تاريخ ۾ سچائي جي بنياد وجهندڙ عظيم اديبن، تاريخدانن ۽ ڏاهن دانشورن پنهنجي ڪتابن ۾ ان کي لکي ۽ بيان ڪري هڪ دنياوي مثال قائم ڪئي آهي، جنهن جي ڪري اڄ اسان جي اڄ اگهور ننڊ ۾ ستل قوم جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي، ٻي صورت ۾ سڙيل قومن جي سڃاڻپ ته نه اڃان به انهن جي ڪردار جو قتل ٿيندو آهي، اڄ آئون سلام پيش ڪريان ٿو پنهنجن سڀني پيارن علم دوست ۽ سچائيءَ جي بنياد رکڻ وارن دوستن کي جن اسان کي ايترو منفرد بڻائي پنهنجي تاريخ کي ورنايو اٿئون!

 

اصغر پنهور/ بلال ڪالوني، ڪورنگي ڪراچي