موهيڙو يا ڳوڙهي چمڙي ۾ ڪئين پيدا ٿيندي آهي ؟ … راشد علي برهماڻي

0
39
موهيڙو يا ڳوڙهي چمڙي ۾ ڪئين پيدا ٿيندي آهي ؟

 جئين ته تصوير ۾ ڏيکاريل چمڙي جا داڻا توھان ضرور ڏٺا ھوندا. توھان مان ڪنھن کي ته ھي داڻا جسم  ۾به ضرور ھوندا. ھنن داڻن کي ميڊيڪل جي سائنس ۾ Verrucae Vulgaris چوندا آھن.

ھي داڻا ھڪ انساني وائرس جي ڪري پيدا ٿيندا آهن جنھن کي پپيلوما وائرس چوندا آهن ۽ ھن وائرس جا سئو قسم ٿيندا آهن. ھي وائرس چمڙي ۾ ڪٽ لڳڻ يا زخم جي وقت چمڙي جي Keratinocytes جيوگھرڙن ۾ داخل ٿيندا آهن جتي ھي انھن جيوگھرڙن کي لاڳاتار تقسيم ٿيڻ تي مجبور ڪندا آهن جنھن سان چمڙي تي گوشت جي ڳوڙهي اڀري ايندي آھي ۽ پوءِ انھي ڳوڙهي جي جيوگھرڙن ۾ Keratin پروٽين تمام گھڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندو آھي، جنھن سان ھي داڻا سخت ٿي پوندا آهن

                         ھنن داڻن جي اندر رت جي supply گھٽ ھئڻ جي ڪري ھنن  ۾ melanin pigments گھڻو جمع ٿيندو آھي، جنھن جي ڪري ھنن داڻن جو رنگ خاڪي يا ڀورو ٿيندو آھي .

ھي داڻا نقصان ڪار نه ھوندا آھن پر پوءِ به ڪنھن ڪنھن کي  uncomfortable لڳندا آھن . انھن کي ختم ڪرڻ جا اپاءَ ۽ علاج موجود آهي پر ڪنھن ڪنھن انسان ۾ ھي داڻا علاج کان پوءِ به پيدا ٿي پوندا آهن

ھي داڻا اڪثر ڪري ننڍپڻ ۾ پيدا ٿيندا آهن ڇو جو ھڪ ته ان وقت چمڙي جا جيوگھرڙا تقسيم ٿي رھيا ھوندا آھن ۽ ٻيو وري immune system مڪمل طور ٿي مضبوط نه ھوندو آھي…(فيس بوڪ تان ورتل)