ڄاهو: ڀاڳ جي نشاني … علي عباس جمالي

0
42
ڄاهو: ڀاڳ جي نشاني ... علي عباس جمالي

 روزاني معمول موجب رات جي ماني کائي لائيٽ موبائل کڻي گهر کان ٻاهر آيس ٻهراڙي ۽ جهنگ ۾ گهر هجڻ سبب مختلف جانور، جيت ۽ سپ نظر ايندا آهن. لائيٽ ڦيريم ته رستي ۾ هي معصوم ڄاهو نظر آيو ۽ مونکي ڏسندي مُنهن لڪائي ويهي رهيو وري فوٽو ڪڍانس ته مُنڍي پيو ٻاهر ڪڍي.

                         ڄاهو جهنگلي جانور آهي. هن جي سڄي بدن تي ڪنڊا ٿيندا آهن ۽ رنگ جو ڪارو ٿيندو آهي. هن جو وزن هڪ کان پنج ڪلو گرام تائين ٿيندو آهي. هيءُ جڏهن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندو آهي ته بال وانگر گول ٿي ويندو آهي. هيءُ جانور خاص ڪري نانگن جو دشمن سمجهيو ويندو آهي. جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي ته پڇ ۾ چڪ وجهي منهن لڪائي ڇڏيندو آهي. نانگ جو پڇ هن جي منهن ۾ مضبوطيءَ سان جهليل هئڻ ڪري نانگ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مٿان ڏنگ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، پر ڪنڊن ۾ ڦٽجندو رهندو آهي. هن جو ڪنڊو پڻ تمام تِکو ٿِئي ٿو هيءُ تيستائين نانگ جي پڇ مان چڪ نه ڪڍندو آهي، جيستائين نانگ ڦٽجي مري نه پوي. اڪثر اسان ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ ڄاهي جي اچڻ کي ڀاڳ جي نشاني سمجهندا آهن.  پُراڻي دور ۾ ماڻهو مئل ڄاهي جي ڪنڊن واري کل گهر ۾ رکندا هُئا سندن خيال ۾ ايئن ڪرڻ سان کير ۾ برڪت پوي ٿي. هيءُ جانور ڏينهن جو آرام ڪندو آهي ۽ اَڪثر رات جو کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي….. ! (فيس بوڪ تان ورتل)