سوال/سروي … مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار، غربت، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪسن جو خاتمو ۽ زراعت لاءِ پيڪيج: عوام بجيٽ جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون

0
21

 عوام جي اڪثريت ايندڙ بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪندي عوام کي ڪو به رليف نه ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته انهن مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار رپيا مقرر ڪرڻ، بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين تي ڪو ٽيڪس نه لڳائڻ، تيل جا اگهه گهٽ ڪرڻ، غريب عوام لاءِ رليف پيڪيج ڏيڻ، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ، زرعي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ، سرڪاري اسپتالن، اسڪولن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ، هر يونين ڪائونسل سطح تي رليف ڪاميٽيون جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عوام هر يونين ڪائونسل ۾ هڪ اسپتال قائم ڪري ان کي 24 ئي ڪلاڪ کليل رکڻ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي گهر به ڪئي وئي آهي. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج تي سوال ڪيو ويو ته ايندڙ بجيٽ لاءِ توهان جون حڪومت لاءِ ڪهڙيون تجويزون آهن ته اها ڪيئن هجڻ گهرجي؟  ان جي جواب ۾ جونيئر چانڊيو چيو ته بجيٽ ۾ سڀ کان پھريان غريب طبقي لاءِ ڪو سٺو پيڪيج جاري ڪيو وڃي جيئن غريب طبقي کي رليف ملي. عام واھپي جون شيون سستون ڪيون وڃن. صحت ۽ تعليم لاءِ ڪو خاص قدم کڻن ته سنڌ جي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ بھتري اچي. اياز کهاوڙ جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ خصوصي پروگرام شروع ڪيا وڃن. غريب عوام لاءِ ريلف پيڪج هجن جنهن سان غريب ماروئڙن کي فائدو پهچي سگهي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. جيئن غريب ٻن ويلن جي ماني سک سان کائي سگهن…!! عباس جمالي پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو ته ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٺهندي ۽ غريب عوام جو رت چوسيندڙ بجيٽ هوندي. ثناءُ الله مشوري لکيو ته خاص طور تي غريب مزدورن جي لاءِ سوچڻ کپي 500 ڏھاڙي تي مزدور جو گذارو ڪونه ٿو ٿئي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي. مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کي غريب عوام کي سهولتون ڏيڻ جي تجويز ڏينداسين جنن ۾ عوام جي صحت تعليم جو خاص خيال رکي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ سستائي ڪرڻ گهرجي. عزيز الله شر به سروي ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجو موقف هن ريت پيش ڪيو اسان جي تجويزن سان ڇا ٿيندو، اسان غريب چاھيون ٿا ته اسان کي آساني سان ساهه کڻڻ ڏنو وڃي ساهه کڻڻ کي ٽيڪس کان بچايو وڃي ته به وڏي مهرباني ٿيندي. علي قربان ميراڻي پنهنجي راءِ ڏني ته حڪومت پاڻ ٻين آقائن جي ماتحت آھي جيئن ھو چاهيندا بجيٽ اھڙي طرح آڻيندا عوام جي ووٽ کي به نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ته ھن ننڍڙي تجويز ڏيڻ جو ڪھڙو فائدو! قادري زنده باد لکيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کي غريب عوام کي سهولتون ڏيڻ جي تجويز ڏينداسين جنهن ۾ عوام جي صحت، تعليم جو خاص خيال رکي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ سستائي ڪرڻ گهرجي. ارشاد علي سومرو شاھ پنجو سلطان تعلقو ميھڙ کان چيو ته حڪومت کي گھرجي ته ايندڙ بجيٽ ۾ مزدور طبقي جي حالتن کي ڏسي انھن لاءِ خاص فنڊ مقرر ڪيو وڃي، خاص طور جن جي آمدني پنجاھ ھزار کان گھٽ آھي. ٻئي نمبر تي دوائن جي قيمتن ۾ پنجاھ سيڪڙو گھٽتائي جو اعلان ڪيو وڃي. يونين ڪاؤنسل سطح تي ھڪ سرڪاري اسپتال فعال ڪئي وڃي جيڪا چوويھه ڪلاڪ کليل رھي جنهن ۾ ڊاڪٽر سميت ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جو عملو ۽ مفت دوائون وافر مقدار ۾ ميسر ھجن. تعليم ۽ صحت کاتي ۾ ھنگامي بنيادن تي اھل اميدوار ڀرتي ڪري عملي جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻھو کي سٺي تعليم ۽ صحت جون سهولتون آسان طريقي سان ملي سگھن. نوان ٽيڪس ھڻڻ نه گھرجن جيئن ھر ماڻھو سکي زندگي گذاري سگھي. بلوچ بلوچ به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت، صدر آصف زرداي ۽ ميڊيا ادارن تي تنقيد ڪئي. فياض محمد سولنگي جي راءِ هئي ته اسان جي ملڪ ۾ غريبن جو تمام گهڻو تعداد موجود آهي اسان اسپتالن کي سهولتون جو مرڪز بڻايون ۽ باقي فنڊ غريبن ۾ ورهائي سگھون ٿا خاص طور بيوس بڻيل هڪ وڏي تعداد ۾ موجود ماڻهو تمام غريب آھن سمورين اسپتالن ۾ لاعلاج مريضن جو علاج ڪرڻ وارو ڪو به ڪونھي اُنھن جي خدا جي واسطي خاص خيال رکيو وڃي جيئن انهن جو اولاد بچي سگهي ۽ ڪنھن ماءُ جي ھنج خالي نه ٿي سگهي. غريب عوام لاءِ قالم ڪيل خانگي اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ نه آھي جڏهن ته غريبن لاءِ سهولتون به فراهم نه ڪيون ويون آهن.  ڊاڪٽر صاحب اسان جا11وڳي اٿن ٿا پر ان کان غريب ماڻهو جو علاج ڪرڻ بابت پڇڻ وارو ڪو به ڪونهي. هن چيو ته ڪالهه حادثو اسان سان پيش آيو جنهن ۾ کپري اسپتال ۾ سهولتون موجود نه هيون سڀاڻي اهو حادثو  اوهان سان به ٿي سگھي ٿو ان ڪري هن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته حادثن ۽ اجل جي نظر ۾ امير غريب يا عوام ۽ آفيسر لاءِ ڪو ڌار قانون ناهي. موت اهو نه ڏسندو آهي ته توهان وٽ پئسا آهن ته توهان کي ڪجهه نه ڪري ۽ غريب وٽ علاج جي سهولت حاصل ڪرڻ جي طاقت نه آهي ته ان کي ماري ڇڏيان. موت سڀني کي اچڻو آهي ان ڪري ان جي تياري پهرين کان ڪري وٺو ته بهتر آهي ۽ هن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريو. شريف ڪنڀر بجيٽ بابت سروي ۾ پنهنجا ويچار هن ريت ونڊيا غريبن لاءِ سوچڻ کپي ايڏي مهانگائي آھي جو غريب ماڻھو ڏاڍا پريشان آھن. سنڌ جا ڪيئي بيروزگار نواجون آھن انهن لاءِ ڪجھ سوچڻ کپي نوڪرين کان وٺي ٻيا ڪيئي ڪم جيڪي وڏيرن جي هٿن ۾ سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي خاندان ويٺا آهن جن کي پنجاھ سالن کان ڪجھه ملي نه سگهيو آهي جيڪي ڪم ۽ نوڪريون اچن ٿيون اهي وڏيرن کي ملن ٿيون غريب ماڻھو کي اڃا پنجاھ سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو اٿن. پنجاھ سال گذري چڪا آھن اسان جي خاندان کي ڪا شي نه ملي سگهي نه نوڪريون ملن نه ڪي ترقياتي ڪم ملن جيڪي ڪم ۽ نوڪريون اچن وڏيرا پاڻ وٽ رکن ٿا اسان کي ڪا شي نه ملي آھي پنجاھ سالن کان سنڌ سرڪار پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پوري آهي. بيوس اربيلو ڏاهاڻي راءِ ڏني ته حڪومت رڳو سرڪاري نوڪري ڪرڻ وارن جون پگھارون وڌائيندي ۽ غريبن لاءِ ڪجھ نه ڪندي ۽ ويتر انهن تي ٽيڪس ھڻندي. گيس بجلي مهانگو ڪندي اڳ ڪهڙين بجيٽن ۾ عوام کي رليف مليو آهي جو ھاڻ ڏيندا؟ کاڌي پيتي جو سامان سستو ڪن ته به اسان لک ڪمايو  پر اهو به مشڪل لڳي رهيو آهي. حڪومت پاڻ چور آ ان ڪري چور عوام کي ڇا رليف ڏيندا. پنهنجي پيٽ لاءِ ڪندا اميد آھي ئي نه هنن چورن مان.  مير غلام شبير لکيو ته سرڪاري مولازمن جي پگھار ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. راءِ عابد ڀٽي جو موقف هو ته ايندڙ بجيٽ  ۾ عوام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪي بيروزگار نوجوان آھن انهن کي وڌ کان وڌ هنري سکيا ڏيارڻ لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيا وڃن هر ڊپارٽمنٽ ۾ جيڪي ڇوڪرا يونيورسٽي کان پاس آئوٽ آھن انهن جو مستقبل سجايو وڃي ۽ روزگار سان لڳرايو وڃي.  راجا حيدر لکيو ته بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سھولتون زرعي شعبي کي ڏيڻ کپن ڇاڪاڻ ته سنڌ بنيادي طور تي زرعي صوبو آھي لائيو اسٽاڪ لاءِ پڻ سٺي بجيٽ رکي وڃي ان سان گڏ آبپاشي جي نظام کي بھتر ڪيو وڃي ڀڳل ٽٽل شاخن جي مرمت ڪرائي وڃي. آبادگارن کي جديد زراعت جي تربيت ڏني وڃي. ويليو ايڊيشن جي سکيا ڏني وڃي ڪميشن ايجنٽ جو ڪردار ختم ڪري آبادگارن کي پنھنجي جنسن جو اگھه مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن. کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ انھن کي سستو ڪري ذخيره مافيا کي قابو ڪيو وڃي آبادگارن کي نقلي ٻج ڀاڻ جي وڪري کان بچايو وڃي ان مٿان سختي ڪئي وڃي. وفا ذاڪر جمالي نوابشاهه مان لکيو ته اسان نئين بجٽ مان اھا اميد ئي رکي سگھون ٿا ته ھي بجيٽ غريب عوام جي حقن جي باري ۾ھجي جنھن سان غريب عوام کي رليف ملي سگھي ۽ اھو پنھنجي گھر جو گذر سفر سولائيءَ سان ڪري سگهي. جڳت ڏان چارڻ نيوڇور ضلع عمرڪوٽ مان لکيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي، پورھيت جي مزدوري وڌائي وڃي، خانگي ڪمپنين توڙي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت جو پگھار گھٽ ۾ گھٽ 50 ھزار ڪيو وڃي، تيل ۽ بجلي سستي ڪئي وڃي. مشتاق ڪنڀر جي بجيٽ جي باري ۾ راءِ هئي ته اسان جي حڪومت کي اپيل آھي ته بجيٽ ڇو رکندا آھيو اتي ئي کائي پي ھڙپ ڪري ڇڏيو، ھتي ڪامورا ۽ سياستدان سڀ کائيندا آھن اوھان مٿي ھڙپ ڪندا ڪيو اسان کي ته رليف نٿو ملي. اسد زرداري سرهاڙي مان راءِ جو اظهار ڪيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کي اھا تجويز آھي ته تعليم ۽ صحت لاءِ ڪجھ وڌيڪ فنڊ رکي ڇو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام بھتر ناھي اسڪولي عمارتون زبون حال بڻيل آھن فرنيچر جي کوٽ آھي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي ڪا به سھولت ناھي دوائن جي کوٽ عملي، لاپرواھي ۽ بي ڌياني سبب اسپتالون ڪوس گھر بڻيل آھن. گل حسن خاصخيلي بکرجمالي موري مان لکيو ته ملڪي بجيٽون مفادپرستي جي بنياد تي لکي پيش ڪيون وڃن ٿيون عوام کي رليف پيڪيج ناھي ملي سگھندو حڪومت کي سڀ کان پھريان اٽو سستو ڪرڻ گھرڻ گھرجي ان کان پوءِ پيٽرول، اگر پيٽرول سستو ھوندو ته ٻيون سموريون شيون ازخود سستيون ٿي وينديون. ريٽ لسٽن تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي ذخيره اندوز کي جيل حوالي ڪري کنڊ، اٽي ۽ يوريا ڀاڻ جي بحران کي ختم ڪرائي عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي. عرض محمد پيرزادي لکيو ته اسان نئين سال جي بجيٽ لاءِ ڪجهه تجويزون رکنداسين: اسڪولن ۾ فرنيچر مهيا ڪيو وڃي. ٻهراڙين ۾ اسپتالن جي نئين سر اڏاوت ڪري ۽ اتي ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن. ٺري ميرواھ مان غلام نبي اسلامي لکيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي، پورھيت جي مزدوري وڌائي وڃي، خانگي ڪمپنين توڙي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت جي پگھار گھٽ ۾ گھٽ 50 ھزار ڪئي وڃي، تيل ۽ بجلي سستي ڪئي وڃي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو تهڪھڙي تجويز پيش ڪجي بس گذارش آھي ته ڌاڙيلن جي ستايل عوام کي رليف ڏنو وڃي. خميسو آريسر لکيو ته اسان جي حڪومت کي اپيل آهي ته آءِ ايم ايف کي ته مهرباني ڪري قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته اسان جي سياستدانن کان پهرين انهن جي ذاتي ملڪيت جو حساب ڪتاب ٿيندو ان کان پوءِ اسان کي قرض ڏيو. راجا مهر لکيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين تان ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. محمد حسين لکيو ته ايندڙبجيٽ ۾ عوام کي ڪوبه رليف ڪونه ملندو جيڪو رليف ملندو سو ڪامورن کي ملندو باقي عوام ويچارو بک تي ئيزندگي گذاريندو رهندو.