ڇور/نيوڇور(رپورٽ: شاهد نهڙيو+ڏان جڳت چارڻ) ڇور ويجهو ڳوٺ کيت سنگھه واسي 14 سالن جي معصوم ڌنار علي حسن منڱريو جو قتل ڪيس ڇور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ، ايف آءِ آر ۾ مقتول جي ڀاءُ فريادي گل حسن ڄاڻايو آهي ته  منھنجي ڀاءُ کان ڇور ڇانوڻي جي فوجي رحيم داد ملوکاڻي ماکي خريد ڪئي ھئي، جنهن جا پئسا هن رحيم داد کان ڪيترائي ڀيرا گهريا جيڪي هن نه ڏنا جنهن جي دانهن ڀاءُ اسان کي ڏني، هو کيس پئسا ڏيڻ جو بھانو ڪري پاڻ سان گڏ ڇور ڪئنٽ طرف وٺي ويو ھو، هو نه آيو ته اسان وري رحيم داد وٽ وياسين ۽ ڀاءُ جي پڇا ڳاڇا ڪئي ته هو نٽائڻ لڳو پوءِ اسان پوليس کي اطلاع ڪيو ٻئي ڏينهن 27 اپريل تي اسان اهڙي درخواست اسٽيشن ڪمانڊر 56 برگيڊ ڇور کي ڏني ۽ ڇانوڻي ۾ ڳولا ڪئي. اسان جي ڀاءُ کي فوجي رحيم داد تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ۽ لاش کي لڪائي ڇڏيو. چوويھه  ڪلاڪن جي  ڳولھا بعد لاش سي ايم ايچ اسپتال پويان ڪنگور جي جھنگ مان ھٿ آيو، جنهن جي جسم تي تشدد ٿيل هو ۽ زخمن جا نشان هئا فوجين سان گڏجي اسان لاش سي ايم ايچ جي سردخاني ۾ رکيو ۽ پوءِ پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس عمرڪوٽ ڊي ايچ ڪيو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش اسان جي حوالي ڪيو، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ نامزد فوجي رحيم داد ولد مراد ملوکاڻي ٽنڊو آدم جي ڳوٺ حمزو ملوکاڻي جو رھواسي ڄاڻايو ويو آهي. واضع رھي ته ڳوٺ کيت سنگھه واسي معصوم ڌنار علي حسن منڱريو جو ھڪ ڏينھن اڳ لاش ھٿ آيو، ھو جنھن جو قتل ڪيس ڪالهه ڇور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.  ٻئي طرف جوابدار کي فوج جي انتظاميا حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ کيس ڇانوڻي اندر ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي. کائنس آرمي قانون تحت آرمي جي انڪوائري ٿي رهي آهي. ڪالهه مقامي پوليس جوابدارن جي حوالگي لاءِ ڪينٽ اندر وئي ۽ فوجي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او غلام مرتضيٰ پٺاڻ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان فوجي انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي اسان کي ٻن ڏينهن کان پوءِ جوابدار حوالي ڪيو ويندو.

جوابدار رحيم داد نينگر کي ڀائرن ۽ چاچي جي سامهون ساڻ وٺي ويو

ڇور: فوجي جوان رحيم داد ملوکاڻي مقتول علي حسن کي سندس وارثن جي سامهون ڇانوڻي اندر وٺي ويو هو. ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ فريادي گل حسن ولد مهر علي منڱريو موقف اختيار ڪيو آهي ته پئسا نه ڏيڻ تي 26 اپريل 2024ع تي آئون منهنجو چاچو محمد عسيٰ عرف احسان پٽ ڀائيخان، ماسات علي حسن پٽ قاسم ڀاءُ سان گڏجي رحيم داد وٽ پئسن لاءِ وياسون رحيم داد اسان کي شاخ جي ڪپ تي ساڍي ٻارهين وڳي ڇانوڻي ٻاهران مليو جنهن کي اسان چيو ته تو اسان جي ڀاءُ جا پئسا ڇو نه ڏنا آهن هن چيو ته پئسا ڏيان ٿو علي حسن مون سان گڏجي هلي علي حسن چيو ته توهان گهر هلو آئون پئسا وٺي اچان ٿو اسان جي روبرو علي حسن کي رحيم داد فوجي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. واپس نه آيو ته اسان فوج کي درخواست ڏني ۽ هنن ڳولا ۾ مدد ڪئي.

 

مقتول نينگر علي حسن جوابدار فوجي آفيسر جون به ٻڪريون چاريندو هو

ڇور: قتل ڪيل نينگر علي حسن مڱريو فوجي جوان جون به ٻڪريون چاريندو هو. ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علي حسن فوجين جون به ٻڪريون چاريندو هو جنهن ۾ فوجي رحيم داد پٽ مراد ملوکاڻي به شامل آهي.