پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ويجهو بائيجي پوليس لاھور واسي نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس موجب لاھور واسي حافظ جٽ کي سڌوجا چوڪ وٽ پوليس ڪچي طرف ويندي روڪي پچا ڳاڇا ڪئي، جنھن دوران نوجوان ٻڌايو ته ھو ڪچي طرف وڃي رھيو هو، ھن کان معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته نوجوان عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف وڃي رھيو ھو ته پوليس کيس بچائي ورتو، پوليس موجب قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.