آصف زرداري طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

0
36

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو 31 هون اجلاس، صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار، شرجيل ميمڻ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ شريڪ

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ صوبي ۾ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 صدر زمينن تي قبضن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي، صدر آصف زرداري جي هدايتن  تي سنڌ حڪومت مڪمل عمل ڪندي سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن مان جي بحالي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي

وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۽ اغوا جي وارداتن جي روڪٿام لاءِ مضبوط حڪمت عملي جوڙي آهي، سنڌ حڪومت ڊرگ مافيا ۽ اسمگلنگ  خلاف ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي

 اجلاس ۾ صوبائي  وزير شرجيل ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هڪ  نائجيريا جي شهريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ منشيات فروشن خلاف  ڪريڪ ڊائون دوران 3 منشيات فروش مارجي ويا

اجلاس ۾ تعليمي ادارن اندر منشيات کان ٻارن کي محفوظ رکڻ جو فيصلو، وڏي وزير چيو ته  منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان منشيات خلاف آپريشن ۾ سنڌ سرڪار جي ڀرپور مدد جو اعلان ڪيو ويو