عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران فلسطينين جي نسل ڪشي جا الزام، جرمن سفير ڪاوڙجي پيو

0
42
عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران فلسطينين جي نسل ڪشي جا الزام، جرمن سفير ڪاوڙجي پيو
عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران فلسطينين جي نسل ڪشي جا الزام، جرمن سفير ڪاوڙجي پيو

لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران نوجوان پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جا الزام لڳڻ تي جرمن سفير ڪاوڙجي پيو

 جرمن سفير جي ڪانفرنس کي خطاب دوران هڪ نوجوان رڙيون ڪري چيو ته جرمني فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، انساني حقن بابت توهان کي ليڪچر ڏيڻ جو ڪو حق نه آهي

جرمن سفير الفريڊ گريناس ڪاوڙ ۾ چيو ته توهان کي رڙيون ڪرڻيون آهن ته ٻاهر وڃي ڪريو، جرمن سفير جي ڪاوڙ ۾ اچڻ تي سندس مائيڪ جو آواز بند ڪيو ويو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پاران عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران  جرمن سفير کي تقرير کان روڪڻ واري عمل جي واکاڻ ڪئي وئي

فاطمه ڀٽو جرمن سفير الفريڊ گريناس کي تقرير دوران نوجوان جي احتجاج جي آجيان ڪندي چيو ته فلسطين ڪڏهن به دفن نه ٿيندو، اهڙا ماڻهو نوجوانن کي ڀاشڻ نه ٿا ڏئي سگهن جيڪي فلسطينين تي ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي همت نه ٿا رکن