پاڪستان کي اڃا به ڪيترائي معاشي چئلينجز ۽ ڏکيائيون درپيش آهن: آءِ ايم ايف

0
38
پاڪستان کي اڃا به ڪيترائي معاشي چئلينجز ۽ ڏکيائيون درپيش آهن: آءِ ايم ايف
پاڪستان کي اڃا به ڪيترائي معاشي چئلينجز ۽ ڏکيائيون درپيش آهن: آءِ ايم ايف

پاڪستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کي اڃا به ڪيترائي معاشي چئلينجز ۽ ڏکيائيون درپيش آهن، گهٽ آمدني وارن ملڪن جي حالت خراب ٿي رهي آهي، ڪورونا وبا جي ڪري دنيا کي 3 ڏهائي 3 ٽرلين ڊالرز جو نقصان پهتو، گذريل ڪجهه سالن جي ڏکيائين باوجود ترقي ۽ معيشت بهتر آهي

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا جو ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي خصوصي سييشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ايڊوانس معيشتن ۾ آمريڪا جي ڪارڪردگي بهتر آهي، چين جي ڪارڪردگي پهرين ٽي ماهي دوران توقع کان وڌيڪ بهتر رهي

هن جو چوڻ هو ته انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ڀارت جهڙين اسرندڙ منڊين جي ڪارڪردگي به سٺي آهي، مصر جي صورتحال پهرين کان بهتر ٿي آهي، مصر لاءِ اڃا به ڪجهه مشڪلات موجود آهن