پاڪستان ۾ سولر پئنلز جي ڌڙاڌڙا سپلاءِ سان سولر پليٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي

0
46
پاڪستان ۾ سولر پئنلز جي ڌڙاڌڙا سپلاءِ سان سولر پليٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي
پاڪستان ۾ سولر پئنلز جي ڌڙاڌڙا سپلاءِ سان سولر پليٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي

بجلي جي ڳرن بلز کان بچڻ لاءِ سولر سسٽم لڳائڻ وڌيڪ سولو ٿي ويو، پاڪستان ۾ سولر پئنلز جي ڌڙاڌڙا سپلاءِ سان سولر پليٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي

2022ع ۾ 80 روپيا في واٽ ملندڙ پليٽ جو اگهه 37 روپيا في واٽ ٿي ويو، 5 ڪلو واٽ سولر پليٽن جا اگهه 2022ع جي ڀيٽ ۾ 2 لک 15 هزار ۽ 10 ڪلو واٽ سولر پليٽن جا اگهه 4 لک 30 هزار روپين تائين گهٽجي ويا

سولر سسٽم لاءِ گهربل اِنورٽرز ۽ بيٽريز جا اگهه نه گهٽيا، سولر پئنل ڊيلرز عالمي سطح تي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ ڌڙاڌڙا سپلاءِ کي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو

ڊيلرز جو چوڻ آهي ته رڳو 6 مهينن ۾ سولر پئنل جا اگهه 30 سيڪڙو گهٽجي ويا، اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان وڌيڪ جاري رهڻ جا امڪان