پي ٽي آءِ ڳالهين نه پر ڊيل جون دخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن: شرجيل ميمڻ

0
33
پي ٽي آءِ ڳالهين نه پر ڊيل جون دخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن: شرجيل ميمڻ
پي ٽي آءِ ڳالهين نه پر ڊيل جون دخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سڌ سماءِ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين نه پر ڊيل جون دخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن

هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ طرف ادارن خلاف مهم هلائي رهي آهي ۽ ٻئي طرف منٿون ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن جيان اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

هن چيو ته اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪين مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ جي وڏي وزير جو عزم دهشتگردي وارو آهي

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا اڳ سوشل ميڊيا تي دهشتگردي ڪندا هئا، هاڻي دارالخلافه ۾ دهشتگردي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڳالهين نه پر ڊيل جون دخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار ناهن

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اندر هر گروپ جو پنهنجو بيانيو آهي، ادارن خلاف مهم هلائيندڙ هاڻي ڪنهن منهن سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن

شرجيل ميڻ وڌيڪ چيو ته شهريار آفريدي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو ڪيئن عوام کي بي وقوف بڻائي ادارن سان ويڙهائيندا آهن