سوال/سروي … پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڊيل ٿيندي،عمران جا ڪيس ختم ٿيندا، سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي: عوام

0
36
سوال/سروي ... پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڊيل ٿيندي،عمران جا ڪيس ختم ٿيندا، سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پارليامينٽ ۾ مفاهمت جي گونج: ن ليگ ۽ پ پ پاران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ: ڇا پي ٽي آءِ جو حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ سان ٺاھه ٿي ويندو؟ عمران خان آزاد ٿيندو؟ ان جو عوام کي فائدو يا نقصان آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڊيل ٿيندي،عمران جا ڪيس ختم ٿيندا، سياسي ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ ملڪ جي فائدي ۾ آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نادر ابڙو لکيو ته ڳالهيون ٿيڻ بهتر ڳالھه آھي ان سان ملڪ مان انارڪي گهٽبي ملڪ بهتر ٿيڻ جي پاسي ويندو ڇو جو مختلف وقتن تي پي ٽي آءِ جي احتجاجن سبب ملڪ جي صورتحال خراب ٿي وئي هئي ان حوالي سان ڳالهيون ٿيڻ بهتر عمل آهي جنھن جو نتيجو سٺو نڪرندو، راجا حيدر لکيو ته اھي عام ماڻھو جا مسئلا ناھن ماڻھو مھانگائي پيٽرول ڊيزل اٽو پاڻي ڪڻڪ صحت تعليم روڊ رستن جا مسئلا حل ٿيندي ڏسڻ چاھين ٿا، جمشيد مشوري لکيو ته ڊيل واري روايت برقرار رکندي عمران خان کي آزاد ڪندا پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڊيل ذريعي ٿينديون سڀ ڪيس ختم ٿيندا ڳالهيون ھڪ بھتر رستو آھي جنهن سان ملڪ ۽ عوام کي فائدو ٿيندو ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ملڪ جي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گھرجن احتجاج ۽ نفرت واري سياست ختم ٿيندي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هِڪ ڊڪٽيٽر ليڊر آھي، اميد ته عمران ماضي جيان چورن، لٽيرن، ٺڳن سان اتحاد نه ڪندو، انھن جي اها پاليسي ناڪام ويندي، جيڪڏهن عمران خان اتحاد ڪيو ته ان جا سمورا ڪيس ختم ڪري اُن کي آزاد ڪيو ويندو، جيڪو اسان سوچيون ٿا  ته ڪپتان انھن سان ڪڏهن ڊيل نه ڪَندو، رسول بخش شر لکيو ته هنن سان عمران خان ڊيل نه ڪندو، ڇو جو هو سچو انسان آهي، ڪامران علي احمد لکيو ته عمران ھڪ سچو ۽ ايماندار ليڊر آھي اھو ھنن جي ڏنل پاليسن تي ڪونه ھلندو ۽ اھي ڳالھيون ناڪام ٿي وينديون، گلشير سومرو لکيو ته عمران ھڪ سچو ۽ ايماندار ليڊر آھي اھو ھنن جي ڏنل پاليسن تي ڪونه ھلندو ۽ اھي ڳالھيون ناڪام ٿي وينديون، ارشاد علي سومرو لکيو ته اصل ۾ دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿيندي پئي وڃي ۽ ٿورڙي عرصي ۾ ڪافي غريب ملڪ ترقي يافته ٿي ويا آھن اسان جو ملڪ پاڪستان ئي آھي جنھن کي بدقسمتيءَ سان پنھنجا ئي وارث واڳونءَ وانگر پٽيندا رهيا ۽ نتيجي ۾ ملڪ تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پھتو آھي سوشل ميڊيا جي ذريعي يا سياستدانن سان جيڪي بيواجبيون ٿيون ڪجھه ڍڪ انھن جي سڌي يا اڻسڌي طرح لاھڻ کانپوءِ ھاڻي اھي رانديگر تمام گھڻو پريشان نظر اچي رھيا آھن ۽ ڏينهون ڏينهن ھڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسندي نظر اچي رھيا آھن جيڪي شايد ھاڻي سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ آماده نظر اچن پيا ۽ ٽڪراءَ کان لنوائي رھيا آھن ته متان ڪٿي طوفان اٿي پوي ۽ اسان جون پاڙون ڪمزور ٿي پون تنھن ڪري سندن ارادا ۽ لھجو نرم آھي ۽ اھي ئي منٿ ميڙ ڪري سڀني کي گڏائڻ چاھين ٿا ۽ بلڪل پي ٽي آءِ آرام سان راضي ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته ھاڻي غلطيءَ جي گنجائش يا ضدي ٻار ڪنھن وٽ ڪونه آھي سڀ راضي ٿي ويندا راضي ڪرڻ وارا خود ان راضپي ۾ راضي آھن ھاڻي جيڪو ضد ڪندو رضامندي ظاهر نه ڪندو اھو وڏي آڙاھه ۾ وڃي ڪرندو ۽ ان راضپي ۽ ٺاھه ۾ سياسي پارٽين سميت سموري ملڪ جو ڀلو ٿيندو، گل حسن خاصخيلي لکيو ته سموريون پارٽيون پنھنجي پنھنجي مفاد لاءِ ڪوشان آھن عوام کي مھانگائي ۽ ٽيڪسن جي گھاڻي پيھندي پيھندي ھنن جا گھر  ڀرجي ويا آھن ھاڻي سندن پيسو مني لانڊرنگ ٿي رھيو آھي عوام ساڳئي اٽي لپ لاءِ پريشان آھي، خميسو آريسر لکيو ته غريب عوام جي خاطر نه پر پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ ٿين پيا، آصف علي لکيو ته ملڪي مفاد لاءِ عمران ضروري آهي.